ٽماٽن جي وڏي کيپ پاڪ ايران سرحد تي پهچي وئي

ٽماٽن جي وڏي کيپ پاڪ ايران سرحد تي پهچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ٽماٽن جي بحران کي نظر ۾ رکندي ايران کان ٽماٽن گهرائڻ وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي. ايران کان ٽماٽن جي وڏي کيپ کڻي 4 ٽرالر ڪوئٽا ۽ 9 ٽرالر پاڪ ايران جي سرحدي شهر تفتان پهچي ويا آهن جڏهن ته تفتان پهچندڙ 9 ٽرالر هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪوئٽا پهچي ويندا. ڪسٽم حڪام مطابق ايران کان ايندڙ ٽرالرن ۾ مجموعي طور 4 هزار 500 ميٽرڪ ٽن ٽماٽو آهي ايراني ٽماٽا ڪوئٽا سان تعلق رکندڙ 7 نجي ڪاروباري ڪمپنين گهرايا آهن. انتظاميه ٻڌايو ته ايران کان گهرايل ٽماٽا ڪراچي ۽ پنجاب سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ کپائڻ لاءِ موڪليا ويندا. واضح رهي ته ملڪ ۾ ٽماٽن جي بحران سبب ان جي قيمت 300 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي جنهن کان پوءِ ٽماٽا ايران کان گهرائڻ بعد پاڪستان ۾ ان جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو