ٽرپنگ مامرو، لوڊ مينجمينٽ ٿي سگهي ٿي: ڪي اليڪٽرڪ

ٽرپنگ مامرو، لوڊ مينجمينٽ ٿي سگهي ٿي: ڪي اليڪٽرڪ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نيشنل گرڊ ۾ ٽرپنگ کانپوءِ ڪراچي کي بجلي جي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي پر صورتحال سبب لوڊ مينيجمينٽ ٿي سگهي ٿي.ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب نيشنل گرڊ جي ٽرانسميشن لائينن ۾ ٽريپنگ کانپوءِ خميس تي ڪراچي کي بجلي جي فراهمي بتدريج بحال ڪئي وئي، نيشنل گرڊ کان نيٽ ورڪ محفوظ طريقي سان منقطع ٿيڻ بعد ڪي اليڪٽرڪ ان جي پيداوار پلانٽ ذريعي هڪ ڪلاڪ ۽ اڌ ۾ بجلي بتدريج بحال ڪرڻ شروع ڪيو ترجمان چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پهرين بجلي بحال ڪئي، اسٽريٽجڪ تنصيب جهڙوڪ ڊبليو ايس بي پمپنگ اسٽيشنز، ايئرپورٽس ۽ اسپتالن کي ترجيح ڏني، جنهن کانپوءِ بجلي جي فراهمي کي بتدريج رهائشي علائقن ڏانهن موڙيو ويو.ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽرپنگ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو نظام مستحڪم رهيو پر نيشنل گرڊ مان بجلي جي فراهمي جزوي طور متاثر ٿي آهي، ابتدائي اطلاعن موجب اها صورتحال ايندڙ 48 ڪلاڪن تائين برقرار رهي سگهي ٿي، صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي فراهمي ۾ عارضي گهٽتائي ڪري سگهي ٿي. صنعتي زونن ۾ رات جي ڪلاڪن دوران رهائشي علائقن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاء، جيڪڏهن صورتحال برقرار رهي يا خراب ٿئي ٿي ته ڪمپني کي لوڊ مئنيجمينٽ جو ڪم ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو