ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، عورت فوت

ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، عورت فوت

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش بروهي ويجهو  ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 50 ورهين جي پيرسن عورت مسمات نور خاتون کوسو ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي جنهن کي کڻائي شهدادڪوٽ اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر پاران ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن لاش اوچتو گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي حد جي ٿاڻي جي پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو