ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ لاءِ اي ڊي بي کان مدد طلب

ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ لاءِ اي ڊي بي کان مدد طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) کان ڪراچي ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ”ٽي پي فور“ لڳائڻ لاءِ مدد گهري ورتي.ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فين ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ ۾ جاري منصوبن ۽ ٻوڏ متاثرن جي گهرن لاءِ پاڻي، صفائي ۽ صفائي واري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن جي 21 لک گهرن ۾ واش روم ۽ ڊرينيج سسٽم ٺاهڻ لاءِ واش منصوبي جي ضرورت آهي.هن ٻوڏ متاثرن جي گهرن لاءِ سولر پراجيڪٽ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان به مدد طلب ڪندي چيو ته ماڻهو مهانگي بجلي برداشت نٿا ڪري سگهن.ايشيائي ترقياتي بئنڪ ٻنهي منصوبن ۾ سهڪار جو يقين ڏياريو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو