ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) لياقت پور ۾ تيزگام ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيندڙ تنگواڻي جي ڳوٺ ھوران جعفري جا رھواسي ھڪ ئي خاندان جي چئن ڀاتين مان ٽن ڄڻن مسمات خيران ۽ ان جي ٻن پٽن علم الدين ۽ امام الدين جعفري جالاش رحيم يارخان اسپتال مان ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي سڃاڻپ ڪرڻ بعد گذريل رات وارثن حوالي ڪيا ويا. وارثن پاران پنھنجن پيارن جا لاش پنھنجي مدد پاڻ تحت ايڌي انمبو ليس ذريعي ڳوٺ حوران جعفري آندا ويا. ھڪ ئي گھر جي ٽن ڀاتين جي جنازه نماز ادا ڪرڻ بعد لاش کڄڻ مھل ھرطرف کان روڄ راڙو مچي ويو. جڏ ھن ته جنازه نماز ۾ علائقي جي سوين ماڻھن ۽ معززن پڻ شرڪت ڪئي.










