ٽرينن ۾ دير، سي اي او جي مسافرن کان معذرت

ٽرينن ۾ دير، سي اي او جي مسافرن کان معذرت

لاهور (ويب ڊيسڪ)ريلوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرخ تيمور جو چوڻ آهي ته برسات ۽ ٽريڪ جي خراب ٿيڻ سبب ٽرينون 3 کان 4 ڪلاڪ دير سان هلي رهيون آهن. پاڪستان ريلوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرخ تيمور پنهنجي بيان ۾ چيو ته برساتن سبب ريلوي ٽريڪ تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. فرخ تيمور جو چوڻ هو ته ٽرينن جي دير سبب مسافرن کي پهتل تڪليف تي معذرت ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ٽرينن جي بروقت هلچل جلد بحال ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو