ٽريلر جي ٽڪر ۾ نينگري فوت همراهه زخمي

ٽريلر جي ٽڪر ۾ نينگري فوت همراهه زخمي

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) قومي شاهراھ تي تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل جي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سڳيون جي ڳوٺ نهال خان مشوري جي رهواسي 12 سالا نينگري سلمه مشوري ۽ نادر علي مشوري شديد زخمي ٿي پيا جن کي هنڱورجا اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو.جتي نينگري سلمه مشوري جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس کي گمس گمبٽ منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي نينگري دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.فوتي نينگري جو لاش سندس ڳوٺ ۾ پنهنجي گھر پهتو ته قهرام مچي ويو. هوڏانهن راڻيپور پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته روڊ حادثي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو