ٽريزري ۾ اربين روپين جي ڪرپشن، نيب جي ٻيهر جاچ

ٽريزري ۾ اربين روپين جي ڪرپشن، نيب جي ٻيهر جاچ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ)ٽريزري ۾ اربين رپين جو اسڪينڊل، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ٿري نظير ڀٽو ۽ اڳوڻي اڪائونٽنٽ اشرف جانوري سميت 12 ڄڻن کي ٻيهر نوٽيس جاري، نيب اسٽيٽ بينڪ کان به رڪارڊ گھرائي ورتو. ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس حيدرآباد ۾ 2012 کان 2017ع تائين پينشن جي مد ۾ ساڍا ٽي ارب روپين کان وڌيڪ پئسا هڙپ ڪيا ويا. ان لاءِ جعلي اڪائونٽس ٺاهي انهن اڪائونٽ ۾ پئسا منتقل ڪيا ويا، اڪثر اڪائونٽ هولڊرن کي خبر ئي ناهي ته سندن اڪائونٽ ۾ پئسا آيا به آهن يا نه، جيڪڏهن پئسا آيا ته ڪٿان آيا ۽ ڪيئن آيا. نيب ذريعن موجب لڳ ڀڳ 70 کان وڌيڪ شهرين جي اڪائونٽس ۾ ساڍا 3 ارب کان وڌيڪ رقم منتقل ڪئي وئي، اها ڪرپشن پينشن جي مد ۾ ڪئي وئي. نيب انهي معاملي جي جاچ ڪري رهيو آهي. انهي سلسلي ۾ 10 اڪائونٽ هولڊرن کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾  شهزادا سليم، نوشين، عمير شيخ، محمد ذاڪر علي، فيصل حسين، گل حسن خاصخيلي، صابره ناصر، اعجاز احمد شيخ، شاهه رخ احمد ۽ سيد عارف علي شامل آهن. نيب اماڻيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ته اهو ٻڌايو وڃي ته اوهان جي اڪائونٽ ۾ پئسا ڪيئن ۽ ڪٿان آيا؟ نيب طرفان ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ٿري نظير ڀٽو ۽ اڳوڻي اڪائونٽنٽ اشرف علي جانوري کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، نظيرڀٽو کي اماڻيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو ته اوهان ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ٿري هئا. اوهان اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو ۽ غيرقانوني سرگرمين سان ڳنڍيل رهيا. اشرف علي جانوري کي اماڻيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو ته اوهان به انهي وقت اڪائونٽنٽ هئا، گھربل معلومات فراهم ڪئي وڃي. نيب  اسٽيٽ بينڪ جي بينڪنگ سروسز جي چيف مئنيجر کي به نوٽيس اماڻي کانئس گھربل رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته نيب هن معاملي ۾ نويد باجاري، اڳوڻي ڊسٽرڪٽ آفيسر الطاف حسين منگي، اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر الهبچايو جتوئي ۽ ٻين کان جاچ ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو