ٽرمپ پاران جو بائيڊن کي اختيارن جي منتقلي جي منظوري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن کي اختيارن جي منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ جنرل سروس ايڊمنسٽريشن جي سربراهه  امريڪا جي نئين چونڊيل صدر کي  آگاهه ڪيو. امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته قانوني جنگ جاري رهندي پر انتظاميا کي چيو آهي ته جنهن شئي جي ضرورت آهي، ان کي  انجام ڏنو وڃي. امريڪي ميڊيا موجب جو بائيڊن انتظاميا حڪومتي معاملن  تي لکين ڊالر حڪومتي فنڊ مان استعمال ڪري سگهندي. هوڏانهن  امريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن اقتدار جي پرامن منتقلي کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي صدر ٽرمپ جي فيصلي کي ويلڪم ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو