ٽرمپ-نيتن ياهو تڪرار، ڪٿي دنگ ڪندو؟ ٻنهي ملڪن جي ماضي جي اختلافن جي تاريخ

ٽرمپ-نيتن ياهو تڪرار، ڪٿي دنگ ڪندو؟ ٻنهي ملڪن جي ماضي جي اختلافن جي تاريخ

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل ان معاهدي، جنهن جو مقصد ايران خلاف آمريڪا-اسرائيل جنگ جو خاتمو آڻڻ آهي، کي اسرائيل اندر سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جنهن ۾ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو به شامل آهي۔ اسرائيل لبنان تي بمباري جاري رکي آهي، جيڪا بظاهر ان معاهدي جي ڀڃڪڙي سمجهي پئي وڃي، جنهن تي اربع ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ايراني هم منصب مسعود پزشڪيان صحيحون ڪيون هيون۔
ٽرمپ لبنان تي اسرائيلي حملن جي تسلسل تي ناراضگي ظاهر ڪئي آهي۔ هن فرانس ۾ ٿيل جي سيون سمٽ دوران چيو ته نيتن ياهو کي لبنان جي معاملي ۾ “وڌيڪ ذميواري” جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي۔ هن وڌيڪ چيو: “مان اسرائيل جي حملي ۽ حزب الله سان سندس ورتاءَ تي خوش ناهيان.”
آچر ڏينهن ٽرمپ بيروت تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪئي، جڏهن ايران سان معاهدو حتمي شڪل اختيار ڪرڻ وارو هو۔ آمريڪي ميڊيا ۾ اڪثر آمريڪي صدرن ۽ اسرائيلي اڳواڻن وچ ۾ اختلافن بابت خبرون شايع ٿينديون رهيون آهن، پر انهن تڪرارن باوجود آمريڪا جي اسرائيل لاءِ حمايت ۾ ڪا وڏي گهٽتائي نه آئي آهي۔ ماهرن موجب، ٽرمپ جي ثالثي سان ٿيل غزه جنگبندي واري معاهدي اسرائيل کي فلسطيني علائقي تي پنهنجي قبضي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو موقعو ڏنو۔
حقيقت ۾، آمريڪي ۽ اسرائيلي اڳواڻن وچ ۾ ڪجهه سخت ترين عوامي اختلافن کان پوءِ به ٻنهي ملڪن جي سلامتي ۽ فوجي سهڪار ۾ وڌيڪ واڌ ٿي آهي۔
نيتن ياهو 2015ع ۾ ايران سان جوهري معاهدي تي صحيحون ڪرڻ سبب اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اباما تي سخت تنقيد ڪئي هئي، پر ان باوجود اوباما انتظاميه اسرائيل کي ٻنهي ملڪن جي تاريخ جو سڀ کان وڏو فوجي امدادي پيڪيج، يعني 38 ارب ڊالر، فراهم ڪيو هو۔
ٽرمپ ۽ نيتن ياهو وچ ۾ ڇا هلي رهيو آهي؟
اسرائيل آمريڪا ۽ ايران جي ان معاهدي تي سخت ناراض آهي، جنهن ۾ لبنان سميت سڀني محاذن تي ويڙهه ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔
اسرائيلي فوج هن وقت لبنان جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو علائقي تي ڪنٽرول رکي ٿي، ۽ نيتن ياهو ۽ سندس ڪابينا جي ميمبرن اعلان ڪيو آهي ته اسرائيلي فوج لبنان مان پوئتي نه هٽندي۔
هڪ غير معمولي قدم طور ٽرمپ اسرائيل کي شهري جاني نقصان بابت تنبيهه ڪئي۔ هن چيو: “تمام گهڻا ماڻهو مارجي ويا آهن، ۽ هر ڀيري ڪنهن کي ڳولڻ لاءِ پوري عمارت ڊاهڻ ضروري ناهي.” هن جو اشارو لبنان ۾ نيتن ياهو جي حڪمت عملي ڏانهن هو، جيڪا غزه ۾ اسرائيل جي جنگ سان مشابهت رکي ٿي۔
آمريڪي ميڊيا ۾ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو وچ ۾ وڌندڙ اختلافن بابت رپورٽون شايع ٿي رهيون آهن۔ 2 جون تي آمريڪي خبرن واري اداري Axios رپورٽ ڏني ته ٽرمپ نيتن ياهو کي “پاڳل” سڏيو ۽ لبنان ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي شدت تي کيس ڇنڊ پٽي۔
ڇا آمريڪي ۽ اسرائيلي اڳواڻ اڳ به ٽڪرائيا آهن؟
آئزن هاور بمقابله ڊيوڊ بن گوئر (1956-57)
شايد آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ سڀ کان سنگين ٽڪراءُ سوئيز بحران دوران ٿيو۔ اسرائيل، برطانيا ۽ فرانس گڏجي مصر تي حملو ڪيو هو جڏهن مصر سوئيز ڪينال کي قومي ملڪيت قرار ڏنو۔ ان وقت آمريڪي صدر آئزن هاور سخت ناراض ٿيو۔ آمريڪا کي خدشو هو ته اها جنگ عرب دنيا ۾ سوويت اثر وڌائيندي۔ آئزن هاور اسرائيل کان فوجون واپس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ اقتصادي ۽ سفارتي دٻاءُ وجهڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون۔ نتيجي ۾ مصر سوئيز ڪينال تي پنهنجو ڪنٽرول برقرار رکيو۔
جارج ايڇ ڊبليوبش بمقابله ازحاق شامير Yitzhak Shamir (1991-92)
گلف جنگ کان پوءِ بش عرب-اسرائيل امن ڳالهين جو حامي هو ۽ قبضي هيٺ فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي آبادڪاري جي مخالفت ڪندو هو۔ بش انتظاميه اسرائيل کي ڏنل 10 ارب ڊالر جي قرضي ضمانتن کي دير جو شڪار بڻايو جيستائين آبادڪاري بابت خدشا حل نه ٿيا۔ ان سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي تڪرار پيدا ٿيو، پر فوجي ۽ مالي سهڪار جاري رهيو۔
بل ڪلنٽن بمقابله بينجمن نيتن ياهو (1996-99)
1996ع ۾ نيتن ياهو جي آمريڪي دوري دوران سندس ۽ ڪلنٽن جي ملاقات سٺي نه رهي۔ رپورٽن موجب ملاقات کان پوءِ ڪلنٽن پنهنجي ساٿين کان پڇيو ته: “هو پاڻ کي ڇا ٿو سمجهي؟ هتي سپر پاور ڪير آهي؟”
ڪلنٽن اوسلو اڪارڊ جو حامي هو، جڏهن ته نيتن ياهو ان معاهدي جي ڪيترن ئي شقن جو مخالف هو۔ ان باوجود ڪلنٽن 1998ع ۾ امن عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اهم ڪوششون جاري رکيون۔
باراڪ اباما بمقابله نيتن ياهو (2009-16)
هي شايد تازن ڏهاڪن جو سڀ کان نمايان تڪرار هو۔ اوباما ۽ نيتن ياهو جا لاڳاپا پهرين اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪاري ۽ پوءِ ايران جي جوهري پروگرام بابت آمريڪي ڳالهين سبب خراب ٿيا۔
2015ع ۾ نيتن ياهو وائيٽ هائوس سان صلاح مشوري کان سواءِ آمريڪي ڪانگريس ۾ تقرير ڪئي ۽ ايران سان اوباما جي پاليسي تي تنقيد ڪئي۔ هن چيو ته تجويز ڪيل جوهري معاهدو “ايران لاءِ ايٽمي هٿيارن جي رستي کي هموار ڪري ٿو.”
تنقيد جي باوجود، ايندڙ سال اوباما اسرائيل لاءِ 38 ارب ڊالرن جي فوجي امداد منظور ڪئي۔ وائيٽ هائوس ان وقت چيو: “اسرائيل جي سلامتي لاءِ آمريڪا جو عزم اٽل آهي.”
ڇا اسرائيل اڃا به آمريڪا لاءِ هڪ اهم اثاثو آهي؟
لنڊن ۾ قائم ٿنڪ ٽينڪ چيٿم هائوس سان لاڳاپيل ماهر يوسي ميڪلبرگ موجب، ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جا لاڳاپا پيچيده آهن۔
هن چيو ته: “ٽرمپ نيتن ياهو کي پسند ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هو کيس ڪنهن حد تائين پاڻ جهڙو لڳي ٿو ــ هڪ اهڙو شخص جيڪو مفادن جي بنياد تي فيصلا ڪري ٿو، ذاتي فائدي کي ترجيح ڏئي ٿو ۽ جنگ لاءِ تيار رهي ٿو.”
ميڪلبرگ موجب نيتن ياهو آمريڪا کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو ته هو حالتن کي پنهنجي حق ۾ موڙي سگهي ٿو، پر ساڳئي وقت کيس اها به خبر آهي ته ڪڏهن رفتار گهٽائڻي آهي۔
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جا لاڳاپا ڪنهن هڪ شخص کان مٿانهان آهن، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن جا ڪيترائي مفاد ۽ قدر مشترڪ آهن۔ بهرحال، آمريڪا اندر اسرائيل لاءِ ٻنهي پارٽين جي حمايت آهستي آهستي گهٽجي رهي آهي۔
سندس لفظن ۾: “جيڪڏهن اسرائيل کي ڪنهن وقت آمريڪا لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ اثاثو سمجهيو ويندو هو، ته نيتن ياهو جي دور ۾ ڪيترن جي نظر ۾ اهو هاڻي هڪ ٻوجهه بڻجي رهيو آهي.” (هي اسٽوري الجزيره تي شايع ٿي جن جي ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ايڊيٽر)

پهنجو تبصرو موڪليو