ٽرمپ عالمي ٽيرف 10 کان 15 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيو

ٽرمپ عالمي ٽيرف 10 کان 15 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ عالمي ٽيرف کي 10 سيڪڙو کان وڌائي 15 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪي صدر جي حيثيت سان، مان دنيا جي ملڪن تي لاڳو ڪيل 10 سيڪڙو عالمي ٽيرف کي 15 سيڪڙو تائين وڌائي رهيو آهيان.ٽرمپ چيو ته ٽيرف ۾ شامل ڪيترائي ملڪ ڏهاڪن کان آمريڪا جو استحصال ڪري رهيا آهن. منهنجي انتظاميه ايندڙ مهينن ۾ نوان ۽ قانوني طور تي قابل قبول ٽيرف طئي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو