ٽرمپ جي مداخلت، بالوگن جو ريڊ ڪارڊ معطل، فيفا تي سخت تنقيد

ٽرمپ جي مداخلت، بالوگن جو ريڊ ڪارڊ معطل، فيفا تي سخت تنقيد

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چڻ تي آمريڪي رانديگر فولارن بالوگن کي ريڊ ڪارڊ ملڻ سبب هڪ ميچ جي پابندي وارو فيصلو ختم ڪرڻ تي يونين آف يورپين فٽبال ايسو سيئيشن يعني يوئيفا طرفان فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي.
يوئيفا چيو آهي ته اهو فيصلو بي مثال ۽ ناجائز آهي، ان سان راند جي روح تي اثر پوندو ۽ سياسي مداخلت جو دروازو کلندو.
آمريڪا جي اسٽرائيڪر بالوگن کي بوسنيا هرزيگووينا خلاف ميچ دوران ريڊ ڪارڊ ڏيکاريو ويو هو، جنهن سبب کيس ضابطن موجب بيلجيم خلاف پري ڪوارٽر فائنل (اڱاري، پاڪستاني وقت موجب رات هڪ وڳي) ۾ معطل رهڻ گهرجي ها.
پر عالمي ڪپ جي منتظم اداري فيفا، جيڪو عالمي فٽبال جو نگران ادارو آهي، 25 ورهين جي بالوگن تي فوري پابندي لاڳو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن سبب گڏيل ميزبان ٽيم جو سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر بيلجيم خلاف ميچ کيڏڻ لاءِ اهل رهندو.
يورپي فٽبال جي نگران اداري يوئيفا چيو ته ٽورنامينٽ دوران اهڙي نموني مداخلت ڪري معطلي عملي طور ختم ڪرڻ “ريڊ لائين پار ڪرڻ” جي برابر آهي.
عالمي ڪپ جي تاريخ ۾ ڏيکاريل 188 ٻين ريڊ ڪارڊن مان رڳو هڪ ٻيو رانديگر ئي معطلي کان بچي سگهيو آهي.
اهو رانديگر برازيل جو گارينشا هو، جنهن کي 1962ع جي عالمي ڪپ دوران معطلي نه ملي هئي، جڏهن ته ان وقت خودڪار پابندي وارو نظام لاڳو نه هو ۽ ان معاملي بابت سياسي مداخلت جا الزام به سامهون آيا هئا.
سي بي ايس نيوز تصديق ڪئي آهي ته بالوگن جي معطلي ختم ڪرڻ وارو فيصلو ان کان پوءِ ٿيو، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خميس ڏينهن فيفا جي صدر جياني انفانٽينو سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي معطلي واري معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
آچر ڏينهن صدر ٽرمپ فيفا جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هن “هڪ وڏي ناانصافي کي ختم ڪيو.”
ٻئي طرف بيلجيم جي رائل فٽبال ايسوسيئيشن (RBFA) سومر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته، “اسان وٽ ايندڙ ميچ لاءِ رانديگر جي اهليت کي چئلينج ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.”
بيلجيم جي پرڏيهي وزير ميڪسم پريوو چيو ته، “جيڪڏهن واقعي هڪ ٽيليفون ڪال هن ناقابلِ فهم فيصلي جو سبب آهي ته پوءِ اها فٽبال ۽ راندين جي بنيادي اصولن جي کليل ڀڃڪڙي هوندي.”
فيفا جي اڳوڻي صدر سيپ بلاٽر، جيڪو 2016ع ۾ ڪرپشن اسڪينڊل کان پوءِ جياني انفانٽينو جي جاءِ تان هٽايو ويو هو، ايڪس (X) تي لکيو ته، “فٽبال کي ڪڏهن به سياسي طاقت جو راند جو ميدان نه بڻجڻ گهرجي.”
يوئيفا پنهنجي بيان ۾ چيو ته هڪ ميچ جي خودڪار معطلي “اختياري فيصلو نه پر ضابطن جو بنيادي اصول آهي.”
بيان ۾ چيو ويو ته، “جڏهن ضابطن جي يقيني عملداري جا ذميوار پاڻ انهن جي ضمانت نه ڏين، تڏهن راند جي سالميت خطري ۾ پئجي ويندي آهي ۽ مقابلي جي ساک متاثر ٿيندي آهي.”
يوئيفا وڌيڪ چيو ته، “اهو فيصلو جاري عالمي ڪپ ۾ هڪ اهڙو مثال قائم ڪري ٿو، جنهن کان پوءِ اهڙين ساڳين حالتن ۾ ٻين رانديگرن سان به ساڳيو سلوڪ ڪرڻو پوندو، جيڪو مقابلي جي مفاد خلاف هوندو.”
اداري چيو ته، “اسان هن بي مثال، ناقابلِ فهم ۽ بنا جواز فيصلي تي سخت حيرت جو اظهار ڪريون ٿا.”
يورپي يونين جي راندين بابت ڪمشنر گلين ميڪالف چيو ته راندين بابت فيصلا “سياستدانن نه، پر راندين جي ادارن جو اختيار آهن.”
هن ايڪس تي لکيو ته، “راندين بابت فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ راندين جي خودمختياري کي نقصان پهچائيندو. اسان کي ان بدران انهن حقيقي انتظامي چئلينجن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جن ۾ سياسي مقصدن لاءِ راندين جو استعمال به شامل آهي.”
گذريل ڪجهه مهينن دوران يوئيفا ۽ فيفا ڪيترن ئي معاملن تي هڪ ٻئي سان اختلافن جو شڪار رهيا آهن.
جڏهن صوماليا جي ريفري عمر آرتان کي عالمي ڪپ ۾ ميچ آفيشئيٽ ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي، تڏهن يوئيفا کيس 12 آگسٽ تي پيرس سينٽ جرمين ۽ ايسٽن ولا وچ ۾ ٿيندڙ سپر ڪپ فائنل لاءِ ريفري مقرر ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو