ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي جديد بسن جي ٽيسٽ ٽرائل جي شروعات ڪري ڇڏي. سڌ سماءَ ۽ ٽرانسپورٽ کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي قيادت ۾ ماڊل ڪالوني کان آواري ٽاور تائين بسن جو ٽرائل ڪيو ويو. ليبر کاتي وارو صوبائي وزير سعيد غني، وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خاص وقار مهدي ٻيا به ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي شهرين سان ڪيل وعدو پورو ٿيڻ وارو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس 240 بسون ڪراچي شهر جي 7 ۽ 10 بسون لاڙڪاڻي شهر جي هڪ روٽ تي هلايون وينديون. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي نيشنل رِيڊيو ٽرانسميشن ڪمپني ( اين آر ٽي سي ) ايندڙ ٻارهن سالن تائين اھي بسون هلائيندي. هن چيو ته هن وقت بسن جي ٽيسٽ ڊرائيو جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، انشاء الله تعاليٰ جون جي مهيني ۾ ئي پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو ۾ شروعات ڪئي ويندي . شرجيل انعام ميمڻ چيو عبدالستار ايڌي بي آر اورينج لائن جون بسون ڊيپو تي پهچي چڪيون آهن. اورينج لائين جي پڻ جلد شروعات ڪئي ويندي، هي ڪميٽمينٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جي آهي. چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسان جي پيپلز پارٽي جي قيادت خصوصي ٽاسڪ ڏنو هو. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ اڳوڻي ٽرانسپورٽ کاتي وارو وزير اويس قادر شاهه ڏانھن هنن بسن جو ڪريڊٽ وڃي ٿو. هن چيو ته ڪراچي شهر جي لاءِ ماس ٽرانزٽ جي وڏي رٿا بندي ڪئي آهي، اسان کي جيڪڏهن وڌيڪ وقت مليو ته ڪراچي ۾ اهڙي قسم جو بهترين ٽرانسپورٽ سسٽم جو ڄار وڇائينداسين ۽ هي صرف ڪراچي تائين محدود نه هوندو، هي سلسلو سموري سنڌ تائين وڌايو ويندو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ ٽرانسپورٽ کاتو سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ڏينھن رات ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ موڪل وارن ڏينهن ۾ به تسلسل سان ماس ٽرانزٽ منصوبن تي اجلاس منعقد ڪري رهيا آهيون ته جيئن اھي منصوبا مڪمل ٿي سگهن. هن چيو ته عوام کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بنيادي سهولت ڏيڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل ڪمينٽمينٽ سان گڏ ميدان ۾ آئي آهي ۽ توهان کي اهو نظر به ايندو. هن چيو ته دير ضرور ٿي آهي پر هي ڪمينٽمينٽ آهي ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت فيلڊ ۾ موجود آهي ۽ ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت جي پهرئين ترجيح اها ئي آهي ته ڪراچي جي عوام کي ٽرانسپورٽ جون بھترين سهولتون مهيا ڪيون. ھي ڪراچي جي شهرين جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت طرفان تحفو آهي ۽ اهو هنن جو حق آهي . انهن بسن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ويندو . اسانجي ڪوشش آهي ته ھلندڙ ٽينيوئر ۾ اسين تمام گهڻيون سهولتون ڪراچي جي عوام کي ڏيون ۽ سفر جي سهولت کي آسان ڪري سگهون. ھن چيو ته مهانگائي جو بار آهي ۽ مهانگائي جي بار کي جيترو به گهٽائي سگهيا سين سنڌ حڪومت مهانگائي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندي ته جيئن هڪ عام ماڻهو تي گهٽ کان گهٽ بار پئجي سگهي. هن چيو ته پيپلز بس سروس جي ٽريڪ کي جتي جتي ضرورت آهي اتي بهتر ڪيو پيو وڃي ۽ بلديات کاتي واري صوبائي وزير ۽ ڪي ايم سي مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهن. هنن جون ٽيمون اسان سان گرائونڊ تي گڏ آهن، ڇاڪاڻ ته وڏيون مسافر بسن جي لاءِ ٽريڪ صاف هجڻ گهرجي ۽ جتي جتي رڪاوٽون اچي رهيون آهن، انھن کي ھٽايو پيو وڃي ۽ ڪٿي پارڪنگ جي لاءِ شيون بڻايون پيون وڃن ان ۾ سنڌ حڪومت هدايت ڪئي آهي ته ان ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ٿئي .انشاءِ الله تعاليٰ بهترين طور تي هي بسون هلندي نظر اينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن پيٽرول 30 کان وڌيڪ روپيا وڌيو تہ ٽرانسپورٽرز تمام سخت ڪال ڏني هئي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪراين تي سنڌ حڪومت نظرثاني ڪري نه ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جون بسون بندي ڪنداسين. ھن چيو ته 2015 کان پوءِ ڀاڙا ناھن وڌيا. اسان جو مقصد اهو ناهي ته ڪنهن سان به زيادتي ٿئي. اسان جي سڀ کان پهرئين ترجيح عوام جو خيال رکڻ آهي، ته جيئن عوام سان ڪا به زيادتي نه ٿئي ۽ جيڪي سهولتون ڏئي سگهون ٿا اهي ڏيندا سين. ٻئي ترجيح هي آهي ته ٽرانسپورٽر بسون هلائي رهيا آهن انهن کي به ڪو نقصان نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽارگيٽ آهي ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ جديد بسون آڻيون جيڪا ضرورت آهي، اسانجي جي اها ڪوشش هوندي ته حڪومت جي ريسورسز موجب هڪ ڏيڍ سال ۾ جيڪا هاڻي اسپيڊ آهي ان مطابق وڏي انگ۾ بسن۾ اضافو ڪيون. هي منهنجي سنڌ حڪومت پاران ڪمينٽمينٽ آهي اسين ان ٽاسڪ کي پورو ڪندا سين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ ملڪ جي معاشي صورتحال جو ذميوار فرد واحد نااهل عمران خان آهي. جنهن پنهنجي ٽن سالن جي عرصي ۾ ڪا هڪ انڊسٽري نه لڳائي، هڪ ميگا واٽ بجلي پيدا نه ڪئي ۽ ڪا به فارين انويسٽمينٽ پاڪستان ۾ نه آندي، ها عمران خان جي دور ۾ قرض وڌ کان وڌ ورتو ويو. قرضن تي تيل ورتو ويو. ھن چيو ته موجوده حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ان کي بيلنس ڪري پر عمران خان جي نا اهلي ۽ عمران خان جيڪو نئون شوشو ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري پاڪستان جي عوام ۾ ڏاڍو غم ۽ غصو آهي. عمران خان کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته انشاءَ الله جيستائين هڪ به پاڪستاني زنده آهي پاڪستان جي طرف ڪوبہ ميري اک سان ڏسي نه ٿو سگهي ۽ جيڪو پاڪستان کي ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو عوام ان جي ذهن ۽ سوچ جا هزارين ٽڪڙا ڪندو.هن چيو ته ان ڳالهه مان هڪ فرق ثابت ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ ليڊرشپ ڪنهن کي چيو ويندو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر تي شهادت ٿي، ان وقت ماحول ڇا هو ، عوام ۾ غم و غصو ڇا هو ۽ ماڻهن جا جذبات ڪهڙا هئا ۽ ان صورتحال ۾ صدر آصف علي زرداري نعرو بلند ڪيو ته پاڪستان کپي. هاڻي هڪ نا اهل ترين شخص جنهن کي ملڪ مٿان ٿافيو ويو ، صرف اقتدار جي ڪرسي تان هٽڻ تي ڪهڙي قسم جي زبان ملڪ ۽ ادارن جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. هڪ سوشل ميڊيا جو ٽولو هن ڀرتي ڪيو آهي جنهن کي فارين فنڊنگ ٿي رهي آهي ۽ اهي اسان جي ادارن جي خلاف، اسانجي ملڪ خلاف ۽ اسانجي ملڪ جي سالميت خلاف جيڪي سازشون ڪري رهيا آهن ان سان عمران خان جي سوچ جي عڪاسي ٿئي ٿي ته هو ڪيترو ڪريل شخص آهي. جنهن کي ايترو شرم ناهي. ڪرسيون اچڻيون وڃڻيون آهن 2 ، 3 دفعا پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم (ن) جون حڪومتون ڪيرايون ويون. انهن کي برطرف ڪيو ويو، پر ڪڏهن به ڪنهن ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه نه ڪئي جيڪڏهن اها ڳالهه ڪو ٻيو ڪري ها ته ان تي غداري جو اسٽيمپ لڳي وڃن ها. ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪنهن تي به غداري جو اسٽيمپ لڳائڻ جي حق ۾ نه آهي. ڪالهه پاڪستان پيپلز پارٽي پوري پاڪستان ۾ عمران خان جي سوچ ۽ ذهنيت خلاف احتجاجي مظاهرا شروع ڪيا آهن . عوام وڌ کان وڌ ٻاهر نڪري احتجاج ۾ شرڪت ڪري ٻڌائي ته پاڪستان جي عوام کي پاڪستان عزيز آھي . ھن چيو ته پي ٽي آءِ جي سيڪنڊ ليڊرشپ واضح ڪري ته عمران خان جي بيان تي هو عمران خان سان گڏ آهن يا هو پنهنجي عليحدگي جو اعلان ڪن ٿا ڇو ته خاموشي نيم رضامندي آهي. پي ٽي آءِ ۾ محب وطن ماڻهو به شامل آهن جيڪي مثبت سوچ رکن ٿا، اهي فيصلو ڪن.










