سڪرنڊ (راج ڪمار اوڏ ) قومي شاهراهه تي حق مدينه اسٽاپ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي کي ٽرالر جو پويان کان ٽڪر لڳڻ سبب ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن ۾ قمبر واسي ٻه مزدور سهيل پنهور ۽ حبدار پنهور فوت ٿي ويا ۽ صادق پنهور زخمي ٿي پيو. موٽروي پوليس ۽ قاضي احمد پوليس موقعي تي پهچي لاشن ۽ زخمي کي قاضي احمد اسپتال آندو . جتي ضروري ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا فوتين جا لاش ايمبولنس وسيلي سندن ڳوٺ قمبر کڻائي ويا جڏهن ته زخمي جو علاج هلندڙ آهي. زخمي ٻڌايو ته اسين ننڊ پيا هئاسين ته حادثو پيش آيو. ٽرالر جو درائيور فرار ٿي ويو ۽ ٽرالر پوليس قبضي ۾ ورتو آهي.










