ٽاپ گريڊ 22 ۾ 23 آفيسرن جون ترقيون، ساک وارا آفيسر نظر انداز؟

ٽاپ گريڊ 22 ۾ 23 آفيسرن جون ترقيون، ساک وارا آفيسر نظر انداز؟

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم عمران خان گريڊ 21 جي 23 آفيسرن کي ٽاپ گريڊ 22 هين ۾ ترقي ڏڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سٺي ساک رکندڙ آءِ جي موٽر وي اي ڊي خواجا ۽ اعجاز شاهه جن جي ڪارڪردگي انتهائي شاندار رهي آهي، تن کي ترقي ناهي ڏني وئي. سندن جاءِ تي حسين اصغر ۽ محمد نعيم خان کي 22 گريڊ ۾ ترقي ملي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حسين اصغر ٽن مهينن بعد رٽائر ٿيڻ وارو هو ۽ کيس ڊي جھي اينٽي ڪرپشن ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪرڻ بابت غور هلي رهيو آهي. جڏهن ته نعيم خان کي ٻه ڀيرا انٽيليجنس رپورٽس جي بنياد تي ترقي نه ڏني وئي هئي ۽ هاڻي نامعلوم سببن جي ڪري کيس 22 هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آهي. جڏهن ته سنڌ جي آءِ جي پوليس ڪيلم امام، ثناءُ الله عباسي، انعام خان ڌاريجو کي گريڊ 22 م ترقي ڏني وئي آهي. عمران خان سدائين اي ڊي خواجا جي تعريف ڪندو هو ان کي هن سپرسيڊ ڪري ڇڏيو. ترقي حاصل ڪندڙن ۾ شفقت جليل به شامل آهي جنهن کي سومر تي اطلاعات سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو. ٻه آفيسر جيڪي اڳ ۾ ئي رٽائر ٿي چڪا آهن 5 ۽ 6 نومبر تي عمران احمد ۽ شفقت رحمان رانجها انهن جي جاءِ تي ترقيون نه ٿي سگهيون ۽ ٻئي پوسٽون 22 گريڊ جون خالي رهجي ويون ڇو ته پروموشن بورڊ ان حوالي سان تياري نه ڪري سگهيو. جنهن سبب اهو ساول پيدا ٿئي ٿو ته موجوده حڪومت ترقين جي فيصلي ۾ ٻه هفتا ڇو لڳايا؟ جيڪڏهن وقت تي فيصلو ٿئي ها ته ٻنهي رٽائر ٿي ويل آفيسرن جي جاءِ تي 2 ٻيا آفيسر به ترقي حاصل ڪري سگهن ها. پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي 7 ترقي ماڻيندڙ آفيسرن ۾ عمران احمد، شفقت رحمان رانجها، محمد خان، ساجد يوسفاڻي، جمال ناصر، طارق نجيب نجمي ۽ ڊاڪٽر طارق احمد شامل آهن. سيڪريٽريٽ گروپ جو محمد نعيم، فارين سروس جا نديم رياض احمد، جوهر سليم، سيد حسن رضا، غلام دستگير، امتياز احمد، عبدل سالڪ خان ۽ تصور خان شامل آهن. ان لينڊ روينيو جا ميان سعيد اقبال ۽ حافظ محمد علي انڍڙ، ڪسٽم گروپ جا محمد جاويد غني ۽ فضل يزداني، اعجاز علي شاهه واسطي آڊٽ ۽ اڪائنٽس گروپ جا گريڊ 22 هين ۾ ترقي حاصل ڪندڙ آفيسر شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو