ٽام ڪروز جي خطرناڪ اسٽنٽ جون تصويرون وائرل ٿي ويون

ٽام ڪروز جي خطرناڪ اسٽنٽ جون تصويرون وائرل ٿي ويون

لنڊن(ويب ڊيسڪ)60 ورهين جو هالي ووڊ اسٽار ٽام ڪروز شوٽنگ دوران پاڻ به خطرناڪ اسٽنٽ ڪرڻ لاءِ مشهور آهي ۽ ان لاءِ اسٽنٽ مين جي مدد به نٿو وٺي. خاص ڪري مشن امپاسبل سيريز جي فلمن ٽام کروز جي اسٽنٽ کي سڄي دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو آهي. هن سيريز جي 7هين فلم 2023ع ۾ رليز ٿيندي پر مشن امپاسبل 8 جي شوٽنگ پڻ برطانيه ۾ جاري آهي. هن فلم جي شوٽنگ دوران ٽام ڪروز جي نئين اسٽنٽ جون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن.ٽام کروز ڍنڍ ضلعي ۾ هڪ فلم جي شوٽنگ دوران خطرناڪ اسٽنٽ دوران ڪلف تان ٽپو ڏيڻ کانپوءِ پيرا گلائيڊنگ دوران لينڊ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو