ڪراچي کي هوم گرائونڊ تي اسلام آباد جي 6 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي کي هوم گرائونڊ تي اسلام آباد جي 6 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسلام آباد جيڪا ٽورنامنٽ ۾ هيستائين ناقابل شڪست رهي آهي تنهن 4 وڪيٽن جي نقصان تي 17.1 اوورن ۾ گهربل ٽارگيٽ 129 رنز جو حاصل ڪري، ڪراچي کي هوم گرائونڊ تي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. بظاهر آسان ٽارگيٽ لاءِ اسلام آباد جي اوپنرز صاحبزاده فرحان ۽ اعظم خان اننگ شروع ڪئي. ميٿيو شارٽ زخمي هئڻ سبب نه کيڏيو. شروعات ۾ اسلام آباد طوفاني انداز ۾ بيٽنگ شروع ڪئي پنجين اوور فرحان هڪ ڇڪي ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 18 بالن تي 30 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي ڊيوڊ وارنر جي شاندار ڪيچ تي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد ڪولن منرو به هڪ چوڪو هڻي حسن علي جي ساڳئي اوور ۾ بولڊ ٿي ويو. 38 تي ٻن وڪيٽن ڪرڻ بعد اعظم خان جو ساٿ ڏيڻ شاداب آيو، جنهن پڻ جارحاڻي انداز ۾ بيٽنگ شروع ڪئي ۽ ٻن ڇڪن ۽ پنج چوڪن جي مدد سان 40 بالن تي 47 رنزٺاهي عباس آفريدي جي بال تي بولڊ ٿيو، ارڙهين اوور جي پهرين بال تي محمد نواز وننگ شاٽ کيڏي هڪ رن ٺاهي ميچ کٽي ورتي. ان کان اڳ ڪراچي جي ٽيم وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 128 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ به 11 ايڪسٽرا جون رنز شامل هيون. اننگ جا 3 ڇڪا عباس آفريدي هنيا. پي ايس ايل جو ڏهون ميچ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪراچي ڪنگز ۾ کيڏيو پيو وڃي. شاداب خان ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو. ٽم سائفرٽ ۽ ڊيوڊ وارنر اننگ شروع ڪئي. ڊوارشس پهريون اوور ڪرايو. ٻئي اوور ۾ نسيم شاهه وارنر کي بولڊ ڪري ڇڏيو، هن 5 بالن تي 2 رنز ٺاهيون. ان وقت ٽيم جو اسڪور 5 هو. جنهن بعد جيمز ونس آيو. جنهن کي جيسن هولڊر چوٿين اوور ۾ بولڊ ڪيو. هن 7 بالن تي 4 رنز ٺاهيون. ان وقت ٽيم جو اسڪور 22 هو. جنهن بعد سعد بيگ نئون بيٽر آيو. 4 اوورن ۾ ڪو پليئر هڪ به بائونڊري نه هڻي سگهيو، هولڊر جي اوور ۾ وائيڊ جي بائونڊري ڪراچي کي ملي، جنهن بعد پنجين اوور ۾ نسيم شاهه کي سعد بيگ پهرين بائونڊري لڳائي. چهين اوور ۾ هولڊر کي ٻنهي پليئرز هڪ هڪ بائونڊري هنئي ۽ پاور پلي ختم ٿيڻ تائين 41 تي 2 آئوٽ هئا. ڏهين اوور ۾ شاداب پنهنجي پهرين ئي اوور ۾ سعد بيگ کي محمد شهزاد هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 17 بالن تي 4 چوڪن جي مدد سان 20 رنسون ٺاهيون. ٽم سائفرٽ هڪ چوڪي جي مدد سان 37 بالن تي 30 رنز ٺاهي عماد وسيم جي بال تي بالر هٿان ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد خوشدل شاهه جو ساٿ ڏيڻ لاءِ عرفان نيازي آيو. .15 اوور ختم ٿيڻ تائين ڪراچي جا صرف 89 تي 4 آئوٽ هئا ته مشوري لاءِ وقفو ورتو ويو. 16 هين اوور م شاداب 5 رنز ٺاهيندڙعرفان نيازي کي ايل بي ڊبليو ڪري ٻيو شڪار ڪيو.  جنهن بعد محمد نبي آيو. خوشدل به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 23 بالن تي 17 رنز ٺاهي نسيم شاهه جي بال تي ڪيپر اعظم خان هٿان ڪيچ ٿيو، جنهن بعد عامر جمال آيو جيڪو پڻ چوڪو هڻي 5 بالن تي 7 رنز ٺاهي جيسن هولڊر جي بال تي عماد وسيم هٿان ڪيچ ٿيو. ان بعد عباس آفريدي آيو آخري 2 اوور کيڏڻ لاءِ. جنهن ڪراچي جي اننگ جو پهريون ڇڪو نسيم شاهه کي 19 هين اوور ۾ هنيو.، جنهن بعد ساڳئي اوور ۾ ٻيو ڇڪو به هن کي هنيو. آخري اوور ۾ عباس آفريدي جيسن هولڊر کي هڪ ڇڪو ۽ هڪ چوڪو هڻي ڪراچي جو اسڪور 128 تائين پڄايو. آفريدي 3 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 9 بالن تي 24 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، محمد نبي بنا ڪنهن بائونڊري جي 10 بالن تي 7 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو