ٽائون ڪميٽي جي پئسن ۾ گھپلو،بئنڪ اڪائونٽ خالي

ٽائون ڪميٽي جي پئسن ۾ گھپلو،بئنڪ اڪائونٽ خالي

اسلام ڪوٽ(ن سنڌيار) اسلام ڪوٽ ٽائون جي اڪاونٽ ۾ ھڪ ڪروڙ پنجھتر لکن جو گھپلو‚ نيشنل بينڪ ۾ پيل ڏيڍ ڪروڙ غائب ھجڻ جو انڪشاف‚ ٽائون ڪميٽي مارڪيٽ جي به قرضي بڻجي وئي‚ مال پڙي سميت ملندڙ ٽيڪس به نالي ماتر اڪاونٽ ۾ جمع‚ ايڊمنسٽريٽر انتظاميا غائب ٿي وئي شھر ۾ صفائي سٿرائي وارو عمل ڊاوان ڊول‚ شھر گٽر ۾ تبديل‚ گندگي سبب مڇرن جو آزار ‚ مليريا سميت ٻين بيمارين منھن ڪڍيو٠ اسٽريٽ لائٽون ناڪارھ شھر اوندھ ۾ ٻڏل شھري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا‚ نوٽيس وٺڻ جي اپيل خبر موجب: اسلام ڪوٽ جي ٽائون جي نيشنل بينڪ اڪاونٽ ۾ پيل ڏيڍ ڪروڙن جي رقم غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي جڏھن ته سنڌ بينڪ جي اڪاونٽ مان پڻ چاليھ لکن کان وڌيڪ رقم خرد برد ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب ايڊمنسٽريٽر نظام کان پھرين ٽائون جي نيشنل بينڪ جي اڪاونٽ ۾ ڏيڍ ڪروڙ رقم پيل ھئي جڏھن ته سنڌ بينڪ جي اڪاونٽ ۾ چاليھ لکن کان وڌيڪ رقم پيل ھئي جيڪا ايڊمنسٽريٽر نظام بحال ٿيڻ کان اڳ ئي ڪوڙا بل ڄاڻائي ليپس ڪئي وئي جڏھن ته ٽائون ڪاميٽي ھن وقت مارڪيٽ جي قرضي بڻيل آھي ‚ مسقبل جي دبئي طور سڃاتو ويندڙ شھر سنگين مسئلن جي ور چڙھي ويو آھي شھر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام ردھم برھم ٿي ويو آھي شھر جي مارڪيٽن توڙي سوٽھڙ محلا بجير محلا ميگھواڙ محلا ميھاري روڊ سميت لوھار پاڙو ۽ ٽيچرس ڪالونيء ۾ گندگي جا ڍير پيل آھي جنھن سبب مڇرن جو پڻ آزار آھي مليريا سميت ڪيترن ئي خطرناڪ بيمارين منھن ڪڍيو آھي ھوڏانھن صفائي وارو عملو پڻ غائب ٿي ويو آھي جڏھن ته ٽائون آفيسر سميت ايڊمنسٽريٽر منظر عام تان غائب ٿي ويا آھن شھري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آھن ٻئي پاسي شھر مان گند ڪچرو کڻڻ واري مشينري مڪمل طور ناڪارھ بڻجي ويئي آھي جڏھن ته ھر مھيني مشينريء جي مرمت جي مد ۾ لکين روپين جا ڪوڙا بل ٺاھي پئسا ھڙپ ڪيا وڃن ٿا ٻئي پاسي گٽر نالن جي کوٽائي تي پڻ ھر مھيني لکين روپيا ڄاڻائي اڪاونٽ مان پئسا ڪڍي ھڙپ ڪرڻ جو سلسلو بدستور جاري آھي جڏھن ته گٽر نالن جي ڪيتري ئي عرصي کان کاٽي نه ٿيڻ ڪري گٽر نالا ٻورجي گند سان ڀرجي بلاڪ ٿي ويا آھن جنھن ڪري انھن گٽرن جو گندو پاڻي مختلف محلن ۾ بيٺل آھي٠ ھوڏانھن ٽائون جي ماھوار چوئيتاليھ لک بجيٽ سميت بنا آڪشن جي ھلندڙ مال پڙي مان ٻارھن لک ٽيڪس جي صورت ۾ ملڻ جي باوجود شھر ۾ ٽڪي جو ڪم ن ٿي سگھيو جڏھن ته شھر ۾ لڳل اسٽريٽ لائيٽن جي مرمت تي پڻ وقتن به وقت ڪوڙا بل ڪڍي ٽائون جي اڪاونٽ کي چونو لڳايو ويو آھي جڏھن ته اسٽريٽ لائٽون مڪمل طور ناڪارھ بڻجي ويون آھن شھر اوندھ ۾ ٻڏل ھجي ٿو شھر جي مختلف محلن جون گليون توڙي گٽر نالا ڀڄي ڀري ختم ٿي ويا آھن صرف چند مخصوص محلن کان سواء ڪٿي گلين توڙي گٽر نالن جي عرصي کان مرمت نه ٿي سگھي آھي ٻئي پاسي ميھاري روڊ تي ٽائون انتظاميا پاران لکين روپين جي لاڳت سان ڊينيج ٺاھيو ويو پر ان جي نيڪالي جو جوڳو بندوبست ڪرڻ جي بجاء ڪپڙي جي پائيپ لائين ذريعي جڳاڙ ڪري گندو پاڻي ڪڏھن ڪڏھن ڪڍيو وڃي ٿو اڪثر ڊينيج پلٽڻ ڪري ميھاري روڊ سميت مختلف ھنڌن تي گندو پاڻي جيئن جو تيئن بيٺل آھي‚ شھرين ھاء ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو