پوليس ايڪشن سبب ٻٻرلوءِ ڌرڻو ختم، تشدد،ڪيترائي گرفتار

پوليس ايڪشن سبب ٻٻرلوءِ ڌرڻو ختم، تشدد،ڪيترائي گرفتار

ٻٻرلوءِ(ن س) پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻو پوليس ختم ڪرائي ڇڏيو، ٻٻرلوءِ، پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڪيمپ تي پوليس چڙهائي ڪئي، ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ لياقت جلباڻي سميت سهڻي پارس ۽ ٻين جي گرفتارين جا اطلاع آهن،ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ قائم احتجاجي ڪيمپ تي رات دير سان پوليس چڙهائي ڪئي. رپورٽن موجب پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ لياقت جلباڻي کي مبينا طور تشدد بعد گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو پڻ جاري رهيو.ذريعن موجب سهڻي پارس جي گرفتاري جا پڻ اطلاع آهن، جڏهن ته ڪارروائي دوران احتجاجي ڪيمپ تي ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. گرفتارين ۽ ڪارروائي بابت پوليس جو باضابطه موقف اڃا تائين سامهون نه آيو آهي. پريا ايڪشن ڪميٽي ۽ احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته سندن مطالبو صرف پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي آهي، جڏهن ته هنن گرفتار ڪيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي فوري آزادي جو پڻ مطالبو ڪيو آهي.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته معصوم ٻارڙن جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙن خلاف طاقت جو استعمال مسئلي جو حل آهي، يا پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ سنجيده ۽ مؤثر قدم کڻڻ گهرجن؟، پوليس پريا ڪميٽي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ لياقت جلباڻي کي سخت تشدد بعد گهليندي گهليندي گرفتار ڪيو،خيرپور بار جي اڳواڻ جعفر شاهه ٻٻرلوءِ ڌرڻو پرامن هو، پوليس تشدد ۽ لٺبازي جي مذمت ڪريون ٿا…حيدر آباد ۾ ٻٻرلوءِ جيان ڌرڻي ۾ شريڪ عورتن توڙي مردن کي گرفتاريون ڪيو ويو، ڌرڻو هڻندڙ ڪيترائي نوجوان توڙي عورتون گرفتار ڪيون ويون، نسيم نگر پوليس روڊ کولرائي ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو