حيدرآباد(بيورو رپورٽ)عمران خان کي سمجھڻ گھرجي ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن ۽ سنڌ جي ٻيٽن بابت وفاقي آرڊينس کانپوءِ پنھنجي سخت احتجاج جي ذريعي ان کي رد ڪري ڇڏيو هو ان لاءِ پ پ پ يا ڪنھن ٻي سياسي ڌر سان ڳالھين يا مڃرائڻ جو ڪو فائدو نه ٿيندس. اھڙن خيالن جو اظھار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادرمگسي ترقي پسند ھائوس تي مختلف ضلعن مان آيل ڪارڪنن کي ڏنل افطار پارٽي کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته پ پ پ سنڌ جو اعتماد وڃائي ويٺي آھي. پيپلزپارٽي عوام جي نه پر وڏيرن جاگيردارن جي پارٽي آھي جن کي سنڌ جي اجتماعي مفادن کان وڌيڪ ذاتي مفاد عزيز آھن. گذريل 13 سالن کان مسلسل پ پ پ سنڌ مٿان حڪمراني ڪري رھي آھي پر سنڌ کي ڪوبه رليف ناھي مليو اڄ به سنڌ جي صحت، تعليم، روزگار، ڌارين آبادڪاري ، سنڌ جي زمينن تي قبضاگيري سميت مختلف مسئلن کي منھن ڏئي رھي. ڊاڪٽرقادرمگسي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي پيڙھيل طبقي مسڪين پورھيت طبقي کي ھاڻي پنھنجي مستقبل لاءِ فڪر مند ٿيڻو پوندو ۽ پنھنجي ووٽ جي طاقت کي بجاءِ وڏيرن جاگيردارن ۽ سنڌ جي سوداگرن کي ڏيڻ جي سنڌ دوست قومپرستن کي ڏيڻو پوندو. ھن چيو سنڌ ھاڻي تبديل ٿي رھي آھي سنڌ جي ماڻھن کي ھاڻي سُڌ پئجي وئي آھي تہ سنڌ دوست ۽ سنڌ دشمن ڪير آھن. ھن ايس ٽي پي ڪارڪنن تي زور ڀريندي چيو تہ سنڌ جي عوام سان پنھنجي رابطن کي تيز ڪري کين پارٽي سان جوڙين جئين عوامي طاقت سان سنڌ ۾ انقلاب آڻي سگھجي.










