ويسٽ انڊيز جو ٻئي ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ  254 رنز جو ٽارگيٽ

ويسٽ انڊيز جو ٻئي ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ 254 رنز جو ٽارگيٽ

ملتان (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ٻئي ٽيسٽ ميچ جي ٻئي اننگز ۾ 244 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 254 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. ٻئي اننگ ۾ نعمان علي ۽ ساجد خان چار چار وڪيٽون ورتيون. نعمان علي پهرين اننگ ۾ 6 ۽ ٻئي اننگ ۾ چار شڪار ڪري ميچ ۾ 10 وڪيٽون ورتيون جيڪو سندس ڪيريئر ۾ ٻيو ڀيرو آهي ته هن 10 ڪيٽون ورتيون آهن. ان کاان اڳ ملتان ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 163 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي. پاڪستان جي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 154 رنسون ٺاهي سگهي هئي. مهمان ٽيم پهرين اننگز ۾ 9 رنسن جي برتري حاصل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو