ٻيهر موقعو مليو ته اڳ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارينداسين: عمران خان

ٻيهر موقعو مليو ته اڳ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارينداسين: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن ٻيهر حڪومت جو موقعو مليو ته اڳ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارينداسين.عمران خان زمان پارڪ ٻاهران سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندڙ ڪارڪنن سان افطاري ڪئي.ان موقعي تي ڪارڪنن سان مختصر گفتگو ڪندي هن چيو ته توهان جي سامهون ٻه رستا آهن، هڪ عظمت جو ۽ ٻيو تباهي جو، الله کان اسان نعمتن جو رستو گهرندا آهيون پر هلندا تباهي جي رستي تي آهيون.هن ڪارڪنن کي چيو ته جيڪڏهن ٻيهر حڪومت جو موقعو مليو ته اڳ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو