ٻيلي جي زمين تي ٻيهر قبضو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي خالي ڪرايل ٻيلي کاتي جي زمينن تي ٻيهر قبضا شروع ٿي ويا، اهڙي ايف آءِ آر ماڙي جلباڻي ٿاڻي تي رينج فاريسٽ آفيسر محمد رفيق شيخ 6 جوابدارن غلام قادر جتوئي، مولا بخش گدارو، مقيم زرداري، محمد عرس جتوئي، محمد رفيق جتوئي ۽ حيرالدين بگٽي خلاف داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته ڪيٽي جڙيو ٻيلي ۾ چوڪڙي نمبر 1 ۽ 2 جي 130 ايڪڙ زمين تي جنهن ۾ ٻٻر جي ڦُٽل وڻن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضو ڪيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ ڊويزنل فاريسٽ آفيسر عابد رند ٻڌايو ته اسان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ضلعي شهيد بينظير آباد جي ٻيلن جي زمين تان ڪجھه قبضا ڇڏايا آهن ۽ هاڻي وري ڪجهه رينجرس جي مدد سان قبضو ڇڏائينداسين، هن چيو ته جيڪي ماڻهو ٻيهر قبضو ڪن ٿا اهي پنهنجي حرڪتن کان باز اچن ٻي صورت ۾ سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو