ٻوڏ: 1100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت، 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو سڌي ريت متاثر

ٻوڏ: 1100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت، 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو سڌي ريت متاثر

اسلام آباد(بيورو) ملڪ ۾ تازين ٻوڏن ۽ برساتن سبب 33 لک کان وڌيڪ ماڻهو سڌو سنئون متاثر ٿيا. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 75 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوتين جو انگ 1136 ٿي ويو آهي. اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين 10 لک 51 هزار 570 گهر تباهه ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب 7 لک 35 هزار 375 ڍور مري ويا آهن. رپورٽ موجب برساتن ۽ ٻوڏن دوران هن وقت تائين 162 پلن کي نقصان پهتو آهي، 72 ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن جڏهن ته 33 لک کان وڌيڪ ماڻهو ٻوڏ سبب سڌي ريت متاثر ٿيا آهن.
ڊيرا اسماعيل خان ۾ 10 ارب جو نقصان
ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ هينئر تائين 29 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.ڊيرا اسماعيل خان جي ڪمشنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلديات واري صوبائي وزير فيصل امين گنڊاپور ۽ ڪمشنر عامر آفاق چيو ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب 10 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ برساتن سبب 10 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي.هن چيو ته ٻوڏ سبب هڪ هزار کان وڌيڪ ڍور مري ويا، 40 هزار گهر ۽ 236 ڳوٺ تباهه ٿيا، ضلعي ۾ 31 اسڪول متاثر ٿيا جڏهن ته هاءِ ويز ۽ لنڪ روڊن کي به غير معمولي نقصان پهتو.
ڀارتي وزيراعظم جو همدردي جو اظهار
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان تي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نريندر مودي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي ڏسي افسوس ٿيو، جاني نقصان تي متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته هو قدرتي آفتن ۾ زخمي ٿيندڙ سمورن ماڻهن ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪري ٿو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل افسوس جو اظهار
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان پاڪستان جي مستقل نمائندي منيراڪرم ملاقات ڪئي. ان موقعي تي انتونيو گوتريس چيو ته هو عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ خاص اپيل ڪندو، جنهن سان پاڪستان ۾ بحالي ۽ تعمير جو عمل ممڪن ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو