ٻوڏ ۾ لڙهي آيل 2 هزار سال پراڻا سڪا ۽ نوادرات هٿ

ٻوڏ ۾ لڙهي آيل 2 هزار سال پراڻا سڪا ۽ نوادرات هٿ

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي ضلعي ڊيرا غازي خان جي تعلقي تونسا ۾ واقع ڪوھ سليمان جي جبلن مان ايندڙ ٻوڏ جي پاڻي جتي پنجاب ۾تباهي مچائي، اُتي اهو پاڻ سان گڏ قديم خزانا به کڻي آيو. ڊيره غازي خان جي قبائلي پٽي مان گذرندڙ ٻوڏ جا وهڪرا پاڻ سان گڏ هزارين سال پراڻا سڪا ۽ مختلف دورن جا ناياب نوادرات کڻي آيا آهن. مقامي انتظاميه مطابق ٻوڏ جي پاڻي مان ملندڙ سڪن ۾ ويما ديو ڪُشان دور جا سڪا به شامل آهن، جيڪي لڳ ڀڳ 2 هزار سال پراڻا آهن. انتظاميه وڌيڪ ٻڌايو ته ويما ديو ڪُشان دور کان علاوه لوڌي، تغلق، دراني، سک، مُغل، برطانوي، عرب دنيا، وچ ايشيا، چين ۽ خراسان جا سڪا به هٿ آيا آهن. انتظاميه موجب سخي سرور جي ويجهو هڪ پهاڙي ندي ۾ وهي آيل قيمتي نوادرات مقامي ماڻهن کي مليا، جيڪي پوءِ لاڳاپيل کاتي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا. انتظاميه ٻڌايو ته هي رڳو ڌات جا ٽڪرا ناهن، پر قديم تهذيب جا نشان آهن، انهن سڪن جا ڊيزائن خطي جي شاندار ماضي، گذريل سلطنتن جي شان و شوڪت ۽ قديم واپاري رستن جي عڪاسي ڪن ٿا. ضلعي انتظاميه تصديق ڪئي آهي ته آثار قديمه جا ماهر وڌيڪ قيمتي نوادرات جي تلاش ۾ جلد ئي هن علائقي ۾ کوٽائي شروع ڪندا. ياد رهي ته تونسا شهر کان مٿئين يعني اتر پاسي ڪوهه سليمان جو جابلو سلسلو آهي، جتان برسات وقت تيز پاڻي جا وهڪرا سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو