ٻوڏ واري صورتحال ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن:شرجيل

ٻوڏ واري صورتحال ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن:شرجيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، پاڻي گهٽجي رهيو آهي، ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهن. حيدرآباد ۾ 30 سيڪڙو ماڻهو امدادي ڪيمپن مان پنهنجن گهرن ڏانهن واپس ويا آهن. ضلعي انتظاميه کين ٽرانسپورٽ جي سهولت ۽ راشن فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته هر علائقي جا پنهنجا ڊائنامڪس هوندا آهن. ڪجهه علائقن مان 15 ڏينهن، ڪجهه علائقن مان 30 ڏينهن، جڏهن ته ڪجهه علائقن مان پاڻي ڪڍڻ ۾ 3 مهينا لڳي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن سنڌ آرڪائيوز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڻي جي نيڪال تي ڌيان ڏئي رهي آهي.ان سلسلي ۾ سنڌ جو وڏو وزير آبپاشي کاتي سان روزاني جي بنيادن تي گڏجاڻي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڻي جي نيڪال تي پي ڊي ايم اي جي هيوي مشينري کان علاوه ڪراچي واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي جي مشينري به متحرڪ ڪئي وئي آهي ته جيئن متاثر علائقن مان جلد کان جلد برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائي سگهجي.هن چيو ته مخير حضرات ۽ اين جي اوز کي به چيو ويو آهي ته هو پاڻي جي نيڪال ۾ مدد ڪن ۽ پمپنگ موٽرز فراهم ڪن. هن چيو ته پاڻي نيڪال ٿيڻ بعد بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. بحالي ٻن قسمن جي ٿيندي. جنهن ۾ جن جا گهر ڊهي ويا آهن انهن لاءِ گهر تعمير ڪري ڏينداسين. جڏهن ته هارين جا فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ اهي قرضن ۾ ٻڏي ويا آهن. انهن جي بحاليءَ لاءِ حڪومت مختلف بئنڪن سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن انهن جا قرض ريشيڊيول ٿي سگهجن. جنهن تي ڪيترن ئي بئنڪن مثبت جواب ڏنو آهي.هن چيو ته هڪ اندازي موجب هڪ گهر جي تعمير تي 5 لک رپيا خرچ اچي سگهن ٿا. هن چيو ته تازو برساتن سبب سڀ کان وڌيڪ تباهي سنڌ ۾ ٿي آهي. دنيا ۽ پوري پاڪستاني قوم کي سنڌ ۾ بحالي واري ڪم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته پرڏيهه مان ڪيترين ئي ڪمپنين ۽ سرندي وارن رابطو ڪيو آهي ۽ اهي ماڊل گھر ٺاهڻ ۾ مدد لاءِ تيار آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ به جيڪڏهن ڪو پورو ڳوٺ ٺاهي ڏيڻ جي حيثيت رکي ٿو ته اڳتي اچي يا جيڪڏهن ڪو هڪ گهر به ٺاهي ڏئي سگهي ٿو ته اھي به اڳتي اچي.هن چيو ته سڀاڻي (اڱاري) کان ٽارگيٽيڊ علائقن ۾ اٽي جا اسٽال لڳايا ويندا ته جيئن سنڌ حڪومت پاران اٽي تي ڏنل سبسڊي غريب ۽ حقدار ماڻهن تائين پهچائي سگهجي. ان سلسلي ۾ خوراڪ کاتي پاران سروي به ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جو 25 سيڪڙو حڪومت خريد ڪندي آهي ۽ 75 سيڪڙو مل مالڪ خريد ڪندا آهن. حڪومت جي ڪوشش آهي ته سرڪاري ڪڻڪ غريب آبادي واري علائقن۾ ڏني وڃي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه ان جي نگراني ڪندي ته جيئن ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 10 لک رپيا في ماڻهو معاوضو ڏنو ويندو.جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت به متاثرن جي مدد ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. صحت کاتو، پي پي ايڇ آءِ، پاڪستان آرمي، نيوي، ايئر فورس ۽ فلاحي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن.هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ 6963 فڪسڊ ميڊيڪل ڪئمپون ۽ 7920 موبائيل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. جن ۾ 19536 مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر، 39600 پيرا ميڊيڪس ۽ 1792 رضاڪار خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن.هن چيو ته انهن ميڊيڪل ڪيمپس ۾ 3.14 ملين مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.جن ۾ 638970 ڊائريا ، 703340 چمڙي جون بيماريون، 621319 ساھ جي بيمارين، 294519 مليريا جي شڪي، 15179 مليريا جي تصديق ٿيل ۽ 1284 ڊينگي جي مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت وٽ هن وقت 92347 ڪتي جي چڪ کان بچاء واري ويڪسين ۽ 18399 نانگ جي ڏنگڻ کان بچاء جي ويڪسينز جو اسٽاڪ موجود آهن.هن چيو ته هلندڙ سال 2022 ۾ ڊينگي جا ڪل 7951 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته سيپٽمبر مهيني ۾ 5382 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 4661 ڪراچي ڊويزن ۾ رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح حيدرآباد ۾ 479، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 132، لاڙڪاڻي ۾ 17، سکر ۾ 32 ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 61 ڊينگي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.صوبائي وزير چيو ته رليف ڪيمپن ۾ 9460 ڳورهاري عورتون به موجود هنيون.جن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون ۽ ضروري خوراڪ جون ضروري سپليمينٽس به فراهم ڪيون ويون. هن چيو ته 3711 عورتن ٻارن کي جنم ڏنو. سڌ سماءَ واري وزير چ…

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو