ٻوڏ متاثر خيراتي کاڌي تي کلي آسمان هيٺ ويٺل

نئون ڪوٽ(رپورٽ پيار علي نھڙيو )سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي ڪا به واهر نه ڪئي آھي ٻوڏ متاثر خيراتي کاڌي تي کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن گندو پاڻي پيئڻ ۽ مڇرن جي آزار سبب هتان جا ماڻھو مختلف وچڙندڙ بيمارن ۾ پڻ ورتل آھن سنڌ حڪومت کي ٻوڏ متاثرن جي فورن واهر ڪرڻ گهرجي اهڙن خيالن جو اظھار سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري ٿرپارڪر جي يوسي ڀٽارو ۽ يوسي فانٽ جي مختلف ڳوٺن ۾ عوامي تحريڪ پاران سول سوسائٽي جي تعاون سان ڇهين ڏينهن لڳايل مفت ميڊيڪل ڪئمپ دواران صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته اسان هتي مسلسل ڇهين ڏينهن ۽ تعلقي جهڏي ۾ اوڻيهين ڏينهن کان ٻوڏ متاثرن جي مفت چڪاس ڪري دوائون ڏئي رهيا آھيون هتي گندو پاڻي پيئڻ ۽ مڇرن جي آزار سبب چمڙي،ڊائريا ۽ مليريا جون بيماريون پکڙجي رهيون آھن پر سنڌ حڪومت انهن موذي مرضن کي روڪڻ لاء ڪي به اپاءُ نه ورتا آھن هن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٻوڏ متاثرن جي فوري واهر ڪري انهن لاء ھاري ڪالونيون ٺاهيون وڃن ته جيئن هو اهڙين حالتن ۾ دربدر ٿيڻ کان بچي وڃن.ان موقعي هن سان گڏ رحمان نهڙيو،ممتاز جوڻيجو ۽ محب ڀيل پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو