ٻوڏ متاثرين جي لاءِ جيڪو ممڪن ٿيو ڪنداسين:بلاول

ٻوڏ متاثرين جي لاءِ جيڪو ممڪن ٿيو ڪنداسين:بلاول

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي مدد پهريان آهي، سياست ته هلندي رهندي، اسان جي اپوزيشن اهڙي صورتحال دوران به جلسا جلسا کيڏي رهي آهي.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته اپوزيشن جي مرضي آهي جيڪڏهن هو جلسا جلسا کيڏڻ چاهي ٿي ته کيڏندي رهي. اپوزيشن چونڊن جو مطالبو ڪندي رهي. اسان جي ترجيح ٻوڏ متاثرين جي مدد آهي. هن چيو ته متاثرين جي لاءِ جيڪو ممڪن ٿيو ڪنداسين، سياست ته هلندي رهندي، هن وقت ترجيح ٻوڏ متاثرين جو ساٿ ڏيڻ آهي بعد ۾ سياسي مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته سموري دنيا ۾ اهڙي مثال ناهي ڏٺي جڏهن ايڏي وڏي قدرتي آفت هجي، ڪيترائي ماڻهو ۽ علائقا متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته ڪو زلزلو يا ٻوڏ ايندي آهي ته اتي سمورو ملڪ هڪ ٿي متاثرين جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن چيو ته اسان جا مخالف حڪومت ۾ هجن يا اپوزيشن ۾ اهي ڪڏهن به هن شيءَ ۾ دلچسپي نٿا وٺن. 2020 ۾ به هن صوبي جي عوام متاثر ٿي هئي. اڄ جي اپوزيشن ان وقت حڪومتي پارٽي هئي، ان وقت به هنن اسان جي ٻوڏ متاثرين جو ساٿ نه ڏنو هو. بلاول چيو ته اڄ اهي اپوزيشن ۾ آهن. هنن جي پنهنجي صوبي ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي پر اهي جلسا جلسا کيڏي رهيا آهن. اها نهايت ئي ڏک جهڙي ڳالهه آهي. دنيا ۾ اهڙي ڪابه حڪومت نه آهي جيڪا اهڙي طرح جي آفت کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکندي هجي. پر جڏهن اهڙي صورتحال ايندي آهي ته هر ڪو چاهيندو آهي ته مدد ڪريان. بلاول ڀٽو ڇيو ته ٻوڏ سبب سڀني کان وڌيڪ سنڌ صوبو متاثر ٿيو آهي. صرف لاڙڪاڻي ضلعي جا 1800 خاندان بي گهر ٿي ويا آهن. انهن سڀني کي ڪمپن ۾ پهچائڻ، کاڌي پيتي جون سهولتون ۽ طبي مدد ڏيڻ وڏو چئيلنج آهي.هن چيو ته برساتن جو سلسلو جون جي آخر کان هلي رهيو آهي. ريليف ۽ ريسڪيو اسان جي پهرين ترجيح آهي. اڳيان هلي اسان کي تباهه ٿيندڙ ماڻهن جا گهر، روڊ ۽ پلون تعمير ڪرڻ جي باري ۾ سوچڻو پوندو. بلاول ڀٽو چيو ته هن وقت سڀني کان اهم ڪم عوام کي خيما پهچائڻ آهي. سنڌ صوبي وٽ 90 هزار خيما هئا جيڪي اڻپورا آهن. سنڌ کي گهٽ ۾ گهٽ 10 لک خيمن جي ضرورت آهي جنهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته کاڌي جي مسئلي لاءِ سڀ ملي ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته متاثرين کي راشن پهچائي سگهجي. 2020 واري حڪومت ته مدد نه ڪئي پر هاڻ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کان مدد ملڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو