ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثر ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ، زراعت ۽ آبپاشي جي بحالي وڏا چئلينجز آهن، ڊونرز ڪانفرنس جي مدد سان متاثرن جي بحاليءَ جو واعدو پورو ڪيو ويندو جڏهن ته ٻوڏ متاثرن کي ٻن ڪمرن، هڪ ورانڊي، رڌڻي ۽ واش روم تي ٻڌل گهر ٺاهي ڏيڻ چاهن ٿا.وڏي وزير مراد علي شاهه سان سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ سعودي قونصل جنرل بندر فهد الدائل، وڏي وزير جو خاص مددگار قاسم نويد ۽ پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي موجود هئا.ملاقات ۾ سعودي سفير، وڏي وزير کي ڪامياب ڊونرز ڪانفرس ڪوٺائڻ تي مبارڪباد ڏني، سعودي سفير وڏي وزير کي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي.ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ، زراعت ۽ آبپاشي جي بحالي وڏا چئلينجز آهن.سندس چوڻ هو ته انشاءَ الله ڊونرز ڪانفرنس جي مدد سان متاثرن جي بحاليءَ جو واعدو پورو ڪيو ويندو.










