ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ مختلف کاتن جي جاري ترقياتي ڪمن جي جائزو وٺڻ لاءِ واري اجلاس ۾ 4158 جاري ۽ ٻين اسڪيمن لاءِ روڪيل فنڊن مان 208.113 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن ڪم شروع ڪيو وڃي. ياد رهي ته وڏي وزير صوبي ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ جي هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورا ترقياتي فنڊ روڪيا هئا. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر شاهه، ضياءَ عباس شاهه، ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، ناڻي وارو سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا سومرو، سيڪريٽري آبپاشي سهيل قريشي، ميمبر پي اينڊ ڊي فتاح تونيو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. چيئرمين پي اينڊ ڊي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 4185 جاري اسڪيمن لاءِ 204.652 ارب رپيا رکيا ويا جن مان 119.649 ارب رپيا جاري ڪيا ويا پر حڪومت اها رقم روڪي ڇڏي هئي. وڏي وزير جاري اسڪيمن جو جائزو ورتو جن ۾ 58.345 ارب رپين جون 1182 اسڪيمون شامل آهن جن لاءِ 100 ملين رپيا مختص ڪيا پيا وڃن ۽ اهي اسڪيمون مالي سال جي آخر تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. 23-2022 لاءِ فنڊ جي ٽوٽل رقم جاري ڪئي وئي پر بعد ۾ حڪومت پاران ان کي روڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 98.831 ارب رپين جي ٻين 333 اسڪيمن جا مجموعي فنڊ جيڪي هلندڙ مالي سال ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي تنهن لاءِ ٽوٽل رقم کي ٽن قسمن ۾ ڏنو ويو پر ان کي منجمد ڪيو ويو. 95.969 ارب رپين جون 991 اسڪيمون آهن جنهن لاءِ رقم کي چئن قسطن ۾ جاري ڪيو پيو وڃي جيڪي هلندڙ مالي سال دوران مڪمل ڪيون وينديون، اهي فنڊز پڻ حڪومت منجمد ڪيا هيا. وڏي وزير پاليسي فيصلو وٺندي انهن روڪيل فنڊن مان 204.652 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن هلندڙ مالي سال دوران 4158 اسڪيمون مڪمل ڪري سگهجن. ٻوڏ جي بحالي: وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته حڪومت ايمرجنسي سيلاب جي بحالي جي منصوبن تي 336 ارب رپيا خرچ ڪندي جن ۾ فلڊ ڪنٽرول ۽ آبپاشي ۽ نيڪال جي انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 48 ارب رپيا، روڊن جي ڄار جي بحالي لاءِ 22 ارب رپيا، واٽر سپلائي ۽ ڊرينيج سسٽم جي بحالي، 9 ارب رپيا ريسڪيو 1122 ايمرجنسي سروس جي بحالي لاءِ، 16 ارب رپيا لائيو اسٽاڪ جي بحالي واري منصوبي لاءِ، 110 ارب رپيا هائوسنگ جي بحالي واري منصوبي لاءِ، 294 بلين رپيا سنڌ هيومن ڪيپيٽل انويسٽمينٽ پراجيڪٽ لاءِ ۽ 24.2 ارب رپين جو زرعي انپٽس تي رعايت ڏيڻ لاءِ سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ شامل آهن.










