اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب معاشي نقصان 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.عائشه غوث پاشا جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان جو اڃا واضح ناهي ٿيو، عالمي بئنڪ، گڏيل قومن ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ گڏيل طور تي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو اندازو لڳائي رهيا آهن، ان جي بحالي ۽ واڌ لاءِ ڇا قدم کڻندا؟ هن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سان معاشي نقصان 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، آءِ ايم ايف پرائمري سرپلس ۽ صوبائي ڪيش سرپلس سميت مختلف هدف ڏنا پر ٻوڏ کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي آهي.هن چيو ته هو آءِ ايم ايف کي مالي نقصان کان آگاهه ڪندا، آءِ ايم ايف پاڪستان جي معيشت جو ايندڙ جائزو نومبر ۾ شروع ڪندو.مملڪتي وزير چيو ته مني بجيٽ آڻڻ يا عوام تي ٽيڪس جو اضافي بار وجهڻ جو ڪو ارادو ناهي، پيٽرول تي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ساڍا 37 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي.










