شهدادڪوٽ(ن س) جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته ٻوڏ جا ذميوار سنڌ مٿان حڪمراني ڪندڙ حڪمران جماعت پيپلزپارٽي آهي جيڪا گذريل 15 سالن کان سنڌ مٿان حڪمراني ڪندي پئي اچي، گذريل وقتن ۾ به هن کان وڌيڪ ۽ وڏيون ٻوڏيون آيون ان وقت ته جديد اوزار ۽ خابرو اداره نه هيا هاڻ ته هر ڪلاڪ ۽ ايندڙ ڏينهن جي به معلومات ملي پئي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته 6 مهينن کان چيو پئي ويو ته وڏي پئماني تي موسمي تبديلي ٿي آهي جنهن ڪري برساتيون پونديون حڪمرانن ان عمل جي ڪا به حڪمتي عملي نه ڪئي جنهن ڪري سموري سنڌ ٻڏي وئي 2010 جي ٻوڏ کان بعد ڪنهن به شاخ ۽ سمن تي ڪنهن به قسم جو ڪم ناهي ٿيو جنهن ڪري شاخن ۽ سمن جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا جن شهرن کي ٻوڙيو. ڊاڪٽر نياز ڪالائي چيو ته منڇر ۾ پاڻي جي گنجائش تمام گهڻي آهي جڏهن منڇر جو پاڻي درياء کڻي پيو ته هنن دروازا بند ڪرائي منڇر کي اور ٽاپ ڀري شهرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙائڻ ۾ ڪا به قصر نه ڇڏي. هڪ سوال جي جواب ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سرڪار ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ ناڪام وئي آهي سنڌ جي ننڍي وڏي شهرن جي مين روڊن ۽ امدادي ڪئمپن ۾ ماڻهون بي يارو مددگار ويٺل آهن. هن چيو ته سرندي وارن جي تعاون سان ڪجھءسامان ملي ٿو جيڪو متاثرن تائين پهچايون آهي ۽ وقتن به وقت مختلف هنڌن تي ميڊيڪل ڪئمپس لڳائي متاثرن جي مدد ڪيون پيا.










