ٻوڏ: بند ٽرينن جي بڪنگ تي پابندي جي واڌ

ٻوڏ: بند ٽرينن جي بڪنگ تي پابندي جي واڌ

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ريلوي ٻوڏ سبب بند ٿيل ٽرينن جي ٽڪيٽن جي بکنگ تي پابندي 20 آڪٽوبر تائين وڌائي ڇڏي آهي. ٽرين ڊرائيورن ۽ عملي سنڌ ٽريڪ کي ٻوڏ جي پاڻي سبب ناڪاره قرار ڏئي ڇڏيو.ڊي ايس سکر کي ڏنل رپورٽ ۾ ريلوي عملدارن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ٽريڪ تي پاڻي آهي، فني خرابي جي صورت ۾ ڪو حادثو ٿي سگهي ٿو.ريلوي کاتي واضح ڪيو آهي ته خيبر ميل، رحمان بابا ايڪسپريس جي بکنگ معمول موجب جاري رهندي، جڏهن ته 5 آڪٽوبر کان بحال ٿيل ٽرينن جي بکنگ به جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو