ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،هڪ ڄڻو فوت،روڊ بلاڪ

ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،هڪ ڄڻو فوت،روڊ بلاڪ

سجاول(ن سنڌيار) سجاول لڳ ڳوٺ حاجي جانو ماڇي جي رهواسين جانواڻي ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪنهن معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو هو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان غلام محمد پٽ غلام رسول جانواڻي ملاح گذريل ڏينهن فوت ٿي ويو جنهن جو حد جي پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف جانواڻي برادري جي مردن عورتن ۽ ننڍڙن ٻارن بئراج موري سجاول وٽ ڪراچي بدين مين روڊ تي ڌرڻو هڻي مين شاهراھ بند ڪري ڇڏي آھي تفصيل موجب مارجي ويل نوجوان غلام محمد جانواڻي ملاح جمعداري ڪندو هو هن وقت به پاڻ مزدور وٺي چنڊي ڪلمت بلوچستان ۾ لانگهاري جي مزودوري ڪرڻ لاء ويل هئا ته ڪنهن معمولي ڳالھ تان منهن ٿي ۽ جهيڙو ٿي پيو هو سندس وارثن جو چوڻ آھي ته اسان اين سي ڪٽائڻ لاء ويجهي پوليس ٿاڻي تي وياسين پر اسان کي اتان اهو چئي روانو ڪيو ويو ته زخمي جي حالت خراب آھي پهرين انهي کي اسپتال پهچايو اسان زخمي کي کڻي اسپتال پههچايو پر زخمي فوت ٿي ويو هاڻي قاتل با اثر هئڻ سبب اسان جو ڪيس داخل نٿو ڪيو وڃي ۽ ڪراچي اسپتال انتظاميا اسان کي لاش سان گڏ سجاول موڪلي ڇڏيو جڏهن ته سجاول اسپتال انتظاميا اسان کي ڪاغذي ڪاروائي جو پورائو نه هئڻ سبب واپس ڪراچي اماڻي ڇڏيو پر اتي به اسان جي هڪ به نه ٻڌي ويئي ۽ اسان لاش واپس کڻائي آيا آھيون ۽ اسان اعلا اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ نوجوان جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو آخر ۾ تقريبن ٻن ڪلاڪن کان پوء ايس ايڇ او سجاول مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو