ڪلوئي (ن س)ڳوٺ حاجي خان لنڊ ۾ نوجوان ناري فهميده زال شاهد لنڊ گهرو اڻبڻت تان گهر اندر پکي ۾ رئو ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو. اطلاع ملندي ڪلوئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڏيپلو اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب وڌيڪ جاچ ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪئي ويندي. ناري پرڻيل هئي جنهن کي ٻن ٻارڙن جو اولاد هو .










