وڳڻ (علي مصطفى بروهي ) ٻن موٽرسائڪلن ۾ زوردار آمهون سامون ٽڪر ٿي پيو ، جنهن جي نتجي ۾ ٻه موٽر سائڪل سوار سخت زخمي ٿي پيا آھن. زخمين ۾ ٻرڙو واھ جو رهواسي محمد مغيري ۽ لاڙڪاڻي واسي فياص علي بليدي شامل آهن. زخمين کي وڳڻ پوليس مقامي نجي اسپتال مان ابتدائي طبي امداد ڏيارڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو . وڳڻ پوليس ٻنهي موٽر سائڪلن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .










