ٻن سنڌين سميت 36 برگيڊيئرز  ميجر جنرل ٿي ويا

ٻن سنڌين سميت 36 برگيڊيئرز ميجر جنرل ٿي ويا

راولپنڊي(پ ر) پاڪ فوجي جي ميڊيڪل ڪور جي 11 آفيسرن سميت36 برگيڊيئرز کي ميجر جنرل جي عدي تي ترقي ڏني وئي آهي. ميجر جنرل طور ترقي ماڻيندڙن ۾ 2 سنڌي آفيسر غلام شبير ناريجو ۽ جاويد دوست چانڊيو به شامل آهن. فوجي ترجمان موجب آرمي چيف جي سربراهي ۾ پروموشن بورڊ جي اجلاس ۾ ترقين جي منظوري ڏني وئي آهي. ميجر جنرل طور ترقي ماڻيندڙ ٻين برگيڊيئر رينڪ جي آفيسرن ۾ فهيم عامر، راشد محمود، عبدالعيد، شاهد منظور،ارشد محمود، محمد عاطف منشا، افتخار حسن چوڌري، محمد عمر بشير، اسد الرحمان، واجد عزيز، ڪامران تبريز سويرا، جواد احمد قاضي، احسان علي، ڪامران نذير، عادل رحماني، سيد آصف حسين، محمد اسحاق خٽڪ، احمد بلال، ظفر اقبال، عمران الله، محسن محمد قريشي، ظهير اختر، محمود سلطان، حفيظ الرحمان، سلمان سليم، محمد ظفر علي، سيد خرم شهزاد، بلال عمير، عتيق الرحمان، رائو علي شان خان ۽ عبيرا چوڌري شامل آهن. انهن آفيسرن کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو