ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ پوسٽنگ جي انتظار۾ ويٺل ٻن ايس پيز جون مقرريون ڪيون ويون، مقررين جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب غلام مصطفيٰ شيخ کي ايس پي ڪمپلينٽ سيل ميرپورخاص رينج مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته مختيار احمد سولنگي ايس پي ڪمپلينٽ سيل شهيد بينظيرآباد رينج مقرر ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ٻنهي ايس پيز جي مقرريءَ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.










