دڙو (امداد ميمڻ) سجاول ضلعي جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سرڪاري طور دڙو شھر ۾ ايڊز جا 2 ڪيس ظاھر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. ٻنو جي رھندڙ 58 سالن جي عبدالقادر ولد محمد عمر عباسي ۽ سندس گھر واري کي ايڊز ھئڻ واري شڪ تي سندس وارثن طرفان 4 آڪٽوبر تي دڙو رورل ھيلٿ سينٽر ۾ آڻي کين ڪراچي مان ايڇ آئي وي جي اسڪريننگ لاءِ موڪليو ويو ھو. ذريعن موجب جتي ٻنھي زال مڙسن جي اسڪريننگ ٽيسٽ ٿيڻ بعد کين ايڊز ھئڻ جي تصديق ٿي آھي. جنھن کانپوء متاثر خاندان سخت ذھني ڌٻاءَ ۽ پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آھي. ھوڏانھن دڙو جي سرڪاري اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر محمد صديق سومرو ٻنون سان تعلق رکندڙ 58 سالن جي عبدالقادر عباسي ۽ سندس زال کي ايڊز ھئڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ڪافي سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ ھڪ استعمال ٿيل سرنچ ڪافي ماڻھن کي لڳڻ، غير محفوظ جنسي لاڳاپن ۽ سيلون تي ساڳين اوزارن جي استعمال سبب ايڊز ڦهلجي ٿو.










