”ٻار وٺو پئسا ڏيو وياج جا پئسا ڀرڻا آهن“ پورهيت جا هوڪا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ غالب بلوچ) ڪنڌڪوٽ مرزاپورپاڙي جي رھواسي ھريچند مارواڙي وياج جا پيسا ڀري تنگ اچي غوثپور لڏي ويٺو ۽ ان باوجود وياج خورن سندس پيڇو ڪونه ڇڏيو. وياج خور پپن مل پاران  ڀنگواربرادري جا ماڻھون وٺي ڌمڪيون ڏنيون ته ٻچا وڪڻي به پئسا ڏي. جنهن بعد ھريچند مارواڙي پنھنجا معصوم ٻارڙن شيوا مارواڙي،  سريش، پڃل ۽ کٽو کي ساڻ ڪري غوثپور جي بس اڏي وٽ ٻار وڪرو ڪرڻ جا ھوڪا ڏيندو رهيو. جڏهن ته ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثرھريچند چيو ته بخشاپور جي سيٺ پپن مل کان ٻه لک روپيا وياج تي ورتا ھئا، جنهن بعد مان ٽي لک روپيا ڀري چڪو آهيان ۽ وياج وارو اڃا ٻه لک ٻيا گھري رھيو آھي. رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين ڪنڌڪوٽ واري جا۽ تي قبضو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. هن چيو ته مون وٽ ٻيو ڪجهه ناهي بچو اڄ ھوڪا ڏئي پھنجا ٻچا وڪروڪري رھيو آھيان. ٻئي پاسي  سياسي، سماجي ۽ مذھبي ڌرين سنڌ حڪومت، آء جي سنڌ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور ۽ ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي سميت وس وارن کي اپيل ڪئي  ته متاٽرشخص سان انصاف ڪري سيٺ پپن مل خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو