ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ جوابدار کي عمر قيد جي سزا

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت معصوم ٻارڙي سان زيادتي بعد قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي عمر قيد ۽ 2 لک ڏنڊ جي سزا، ٻيو جوابدار باعزت بري. سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد قاسم لاشاري ۾ جوابدار 4 سال اڳ 6 سالن جي معصوم نياڻي افشان لاشاري سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ کانپوءِ گهُٽا ڏئي قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس معصوم نياڻي جي چاچي شاهه محمد لاشاري جي فرياد تي داخل ڪيو ويو جنهن جي ڪيس جي اڄ ماڊل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي جتي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عبدالغفار لاشاري کي عمر قيد ۽ 2 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي جڏهن ته ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 ميهنا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو. هوڏانهن جوابدار جي والد برڪت لاشاري تي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت باعزت بري ڪري ڇڏيو. هوڏانهن سزا بعد پوليس جوابدار کي لاڙڪاڻي سينٽر جيل منتقل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو