جوهي (منصور گاڏهي)سياسي سماجي ۽ اسڪولي شاگردن پاران دادو ۾ ٽن ورهين جي معصوم نياڻي افشان سان جنسي ڏاڍائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سماجي اڳواڻ پرويز باهوٽو اسلم راز سومرو اعجاز جمالي غلام قادر لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مخدوم بلاول پارڪ کان جوهي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي جوهي دادو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪالهه دادو ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو ٿيو ٽن ورهين جي معصوم نياڻي افشان کي جوابدر اياز پنهور جنسي ڏڍائي جو نشانو بڻايو جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. معصوم افشان شاهاڻي اسان سڀني جي نياڻي آهي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ واقعي سبب سڀ شهري سوڳ ۾ آهيون. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيون ٿا ته جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي جيئن آئينده معصوم نياڻين سان اهڙي قسم جا واقعا پيش نه اچن.










