ٻئي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بالر بيوس، ڊيوڊ وارنر جي ٽرپل سينچري

ايڊليڊ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ هلندڙ ٻئي ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن تي آسٽريلوي ٽيم 3 وڪيٽن جي نقصان تي 519 رنسون ٺاهي پنهنجي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته اوپننگ بيٽسمين ڊيوڊ وانر پنهنجي ٽرپل سينچري ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو. ايڊليڊ ۾ جاري ڊي نائيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو ڊيوڊ وانر ۽ مارنس لبوشين جي شاندار سينچرين جي بدولت آسٽريليا صرف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 302 رنسون ٺاهي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪئي هئي پر شاهين آفريدي جي عمده بالنگ باوجود ڊيوڊ وانر ۽ مارنس لبوشين جي جوڙي هڪ دفعو ٻيهر وڪيٽ تي بيٺي رهي ۽ پاڪستاني بالرن کي ڪٽڪو ڏنو جنهن سبب پاڪستاني بالر بيوس نظر آيا. ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن تي شاهين آفريدي صبح واري ٽائيم تي شاندار اسپيل ڪندي برنز کي صرف 4 رنسن تي آئوٽ ڪيو پر ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن تي شاهين آفريدي جي بالنگ جو جادو نه هلي سگهيو. ٻئي ڏينهن تي نئين بال جو فائدو وٺندي شاهين آفريدي مارنس جي وڪيٽ حاصل ڪئي جنهن 162 رنسون ٺاهيون. ان سان گڏ هن ٽين وڪيٽ اسٽيون اسمٿ جي حاصل ڪئي جنهن صرف 36 رنسون ٺاهيون پر اسٽيون اسمٿ عالمي ريڪارڊ ٺاهيندي 7 هزار رنسن ٺاهي ڊان بريڊمين کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. جڏهن ته اهڙو ريڪارڊ ٺاهيندڙ آسٽريليا جون 11هون رانديگر بڻجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو