ٺڪراٺو ( رپورٽر) ٺڪراٺو لڳ گيسٽرو وگهي سڳا ڀاء ڀيڻ فوت ٿي ويا ڪيترا ئي بيهوش جڏهن ته هڪ نوجوان نياڻي ۽ معصوم نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر نيو ويو ، ڪيترائي ڳوٺاڻا گيسٽرو ۾ مبتلا صحت کاتي سکر کي بروقت اطلاع ڏنو ويو پر صحت کاتي ڪو به تحرڪ نه ورتو ، ۽ نه ئي صحت کاتي پاران ڪا ٽيم به پهچي سگهي ، جنهن سبب وڌيڪ زندگيون زيان ٿيڻ جو خدشو آهي : ڳوٺاڻا ٺڪراٺو لڳ يونين ڪائونسل ڍنڍي جي ڳوٺ اڱڻ فقير ابوپوٽو ۾ گيسٽرو ڦهلجڻ سبب سڳا ڀاء ڀيڻ جنهن ۾ 13 سالا مسمات ستارا خاتون ۽ 9 سالا نينگر سلطان احمد ولد محمد بچل ابوپوٽو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 4 سالا معصوم نينگر صفي الله پٽ عبدالعزيز ۽ 30 سالا نوجوان نياڻي مائي لطيفان ڌيء الهورايو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي انهن ٻنهي کي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر نيو ويو آهي ، ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثر ڳوٺاڻن دين محمد فقير ، حاجي ، مکڻ فقير ابوپوٽو ۽ ٻين چيو ته گذريل رات عصر ويل اسان جي ڳوٺ ۾ اوچتو گيسٽرو ڦھلجڻ سبب ڳوٺ جا ڪيترا ئي معصوم ٻارڙا ، نوجوانن سان گڏ پيرسن مرد توڙي عورتن سميت بيمار ٿي پيا آهن جنهن ۾ ٻھ ٻار فوت ٿي چڪا آھن جڏهن ته ٻھ ڳڻتي جوڳيء حالت ۾ سکر علاج لاء اماڻيا آهن ، ٺڪراٺو توڙي ڍنڍي جي بنيادي صحت مرڪز سينٽرن ۾ صحت جي چوويھ ڪلاڪ سهولت نه هجڻ ڪري اسين مختلف ڳوٺن ۾ موجود عطائي ڊاڪٽرن کان مريضن کي ڊرپون ۽ سيون هڻائي رهيا آهيون ، ڳوٺ ۾ گيسٽرو ڦھلجڻ جو اسان صحت کاتي سکر ۽ روهڙي کي اطلاع پڻ ڏنوآهي پر هن مهل تائين صحت کاتي سکر پاران ڪي به تڪڙا اپاء ناهن ورتا ويا جنهن سبب وڌيڪ زندگيون زيان ٿيڻ جو خدشو آهي ،










