ٺٽي ۾ پاڻي جي کوٽ وارو معاملو حل ڪريو، شاهه

ٺٽي ۾ پاڻي جي کوٽ وارو معاملو حل ڪريو، شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٺٽي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جي احتجاج جو نوٽيس وٺندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي کاتي جي وزير کي هدايت ڪئي آهي هو مسئلو حل ڪرائي. وڏي وزير اها به هدايت ڪئي ته جيڪو پاڻي سسٽم ۾ موجود آهي ان جي منصفاڻي ورهاست يقيني بڻائي وڃي. احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري مسئلي کي حل ڪيو وڃي. وڏي وزير ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته هو آبادگارن سان ڳالهيون ڪري معاملو حل ڪن. ٻئي پاسي وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبي ۾ سيڙپڪاري بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ خاص مددگار سيد قاسم نويد، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ حسن نقوي، وڏي وزير جو اسپيشل سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش موجود آهي، سيڙپڪاري کاتو جن علائقن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود انهن کي اجاگر ڪري، اسان کي ڪراچي ۾ ڪچري مان بجلي تيار ڪرڻ، ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ، پاڻي جي ورهاست جي منصوبن کي سيڙپڪاري لائي سامھون آڻڻو آهي. مراد علي شاهه چيو ته گورک هل، ڪينجھر ڍنڍ ۽ ٿر ۾ سياحت لاءِ سيڙپڪاري جا منصوبا سامھون آڻڻا آھن، اسان کي پنهنجي ميون، انب، کارڪن، زيتون ۽ ٻيو فروٽ برآمد ڪرڻ لاءِ ويليو ايڊيشن ڪرني پوندي. اسان وٽ ٿر ۾ بجلي، ڪوئلي مان گيس، ڪوئلي مان ليڪوئڊ ۾ سيڙپڪاري جا گهڻا موقعا آهن، اسان کي ايجوڪيشن سٽي ۾ دنيا جي بهترين تعليمي ادارن کي آڻڻو آهي. سنڌ صوبي ۾ داٻيچي اسپيشل اڪنامڪ زون جو زبردست منصوبوآهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ان بابت رٿائون جوڙي پيش ڪريو. مونکي خانگي شعبي کي مضبوط ۽ بهتر بنائڻو آهي. هوڏانهن جاري ڪيل بيان مراد علي شاهه سنڌ هائوس جي فوٽو گرافر امداد ڀان جي ڀيڻ جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مرحومه ڪافي عرصي کان بيمار هئي. ڪري وئي، مرحومه وڏي عرصي کان بيمار هئي، مرحومه جي جنازي نمازي ڳوٺ احمد ڀان لاکاٽ ۾ شام ساڍي ستين وڳي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو