ٺٽو (ن س)جھمپير ۽ ان جي آسپاس ڪوھستاني پٽي ۾ اوچتو چوپائي مال ۾ وچرندڙ بيماريون ڦھجلڻ ڪري ڪيترائي جانور مرڻ ڪري ڀاڳين کي مٿي تي ھٿ اچي ويا، جھمپير شھر ۾ قائم جانورن جي اسپتال کي تالا لڳل ڀاڳين جو احتجاج، جانورن جو علاج ڪري کين نقصان کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ جھمپير شھر ۽ ان جي اسپاس جي ڳوٺن ڳوٺ مبارڪ پالاري، امير پير، کڏايون، ڳوٺ سيد بچل شاھ، ڳوٺ فوٽو درس، ڳوٺ علي محمد سومرو، ڳوٺ الھبچايو چانگ ۽ بين ڳوٺن جي ڪيترن ئي رھواسي مالوند ماڻھن ممتاز پالاري، سيد محسن شاھ، سيد محمد شاھ، ڪامريڊ رشيد درس، بچل کڏائي، عبدالشڪور عرف ڪانگل سومرو، مينھن وسايو چانگ، الھبچايو چانگ، ملھار پالاري ۽ بين صحافين اڳيان دانھيندي چيو تہ ڪجھ ڏينھن کان وٺي بيھر چوپائي مال م اوچتو وچرندڙ بيماريون ڦھلجڻ ڪري سندن وڏي تعداد ۾ جانور مرڻ ڪري کين وڏو نقصان پھچي رھيو اھي، ھنن الزام ھڻندي چيو تہ جھمپير شھر ۾ قائم جانورن جي اسپتال کي ھميشہ تالا لڳل آھن، مقرر عملو گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيو اھي، جنھن ڪري سندن بيمار جانورن جو ڪير بہ علاج ڪرڻ لاء تيار ناھي، جنھن ڪري ھو سخت پريشان آھن، ھنن چوپائي مال جي پالنا کاتي جي صوبائي وزير سميت لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کان گھر ڪئي تہ فورن جانورن جي علاج لاء ڊاڪٽرن جو ٽيمون موڪلڻ سان گڏ جھمپير ۾ قائم جانورن جي اسپتال جا تالا کولرائي اتي مقرر ٿيل عملي ۽ ڊاڪٽرن کي ڊيوٽي جو پابند بنائي سندن بيمار جانورن جو علاج ڪرائي کين پھچندڙ نقصان کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.










