ٺارو شاهه واسي فوجي جوان چمن بارڊر تي شهيد

ٺارو شاهه واسي فوجي جوان چمن بارڊر تي شهيد

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ ) ٺاروشاھ وارڊ ھڪ نئون تڪ واسي 36 سالا فوجي جوان محمد اياز ڪلهوڙو چمن بارڊ ۾ گذريل رات دير سان ڊيوٽي دوران دهشگردن هٿان شهيد ڪيو ويو جنهن جو اطلاع وارثن کي ڏنو ويو ان سلسلي ۾ شهيد اهلڪار جي پيرسن پيءُ الهورايو ڪلهوڙو تڏي تي صحافين کي لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته شهيد جوان 13 سال اڳ فوج ۾ ڀرتي ٿيو هيو جنهن کي ٽن نياڻين ۽ ٻن پٽ جو اولاد آهي مان پنهنجي پٽ جي شهادت تي فخر محسوس ٿو ڪريان  منهنجو اڪيلو پٽ هيو اگر ٻيا به پٽ هجن هان ته هن ملڪ لاء ارپي ڇڏيان هان. اهڙي خبر پوڻ تي ٺاروشاھ ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي آهي جڏھن ته گهر ۾ ڪهرام متل آهي  سندس وني بي حال آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو