اسلام آباد(بيورو رپورٽ)متحده عرب امارات (يو اي اي) اختيارين عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان پاڪستان لاءِ 1 ارب ڊالرن جي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هاڻي رڳو سعودي عرب جي تصديق ٿيڻ باقي آهي.ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ يو اي اي اختيارين کان رقم وٺڻ لاءِ ضروري دستاويزن تي ڪم ۾ مصروف آهي.ٻئي طرف ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جي معاهدي جي تصديق لاءِ هاڻي رڳو سعودي عرب ئي بچيو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ايندڙ هفتي سعودي عرب کان 2 ارب ڊالرن جي مالي امداد جو امڪان آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب کان تصديق کانپوءِ پرڏيهي فنانسنگ جا شرط پورا ڪيا ويندا.










