واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)يوڪرين ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ترڪي ۽ يوڪرين جي صدرن وچ ۾ ٽي طرفي اجلاس ٿيو.ترڪ صدر رجب طيب اردگان جو چوڻ آهي ته انتونيو گوتريس ۽ صدر زيلنسڪي يوڪرين تڪرار جي خاتمي، قيدين جي مٽاسٽا ۽ اناج جي برآمد واري معاهدي سان پيدا ٿيندڙ مثبت صورتحال کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان کان اڳ يوڪرين پهچڻ تي صدر زيلنسڪي ترڪ صدر رجب طيب اردگان جو استقبال ڪيو.










