يو ايس ايڊ پاران عالمي مائڪرو، سمال ۽ وچولي ڪاروبار جو ڏينهن ملهايو ويو

يو ايس ايڊ پاران عالمي مائڪرو، سمال ۽ وچولي ڪاروبار جو ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد(بيورو)آمريڪي اداري فار انٽرنيشنل ڊولپمينٽ (USAID) پاران اسلام آباد ۾ هڪ تقريب سان عالمي مائڪرو، سمال ۽ وچولي ڪاروبار جو ڏينهن ملهايو ويو.تقريب جو مقصد نه رڳو پاڪستاني معيشت پر سڄي دنيا جي معيشتن ۾ ننڍي ۽ وچولي ادارن جي اهم ڪردار کي تسليم ڪرڻ هو. عالمي سطح تي، ننڍڙا ۽ وچولي قسم جا ڪاروبار ڪل ڪاروباري شعبي جو 90 سيڪڙو حصو رکن ٿا، 50 سيڪڙو کان وڌيڪ افرادي قوت پيدا ڪن ٿا. اهي پڻ پنهنجي ڪاروباري منصوبن ذريعي جدت ۽ تخليقيت کي فروغ ڏين ٿا.تقريب کي خطاب ڪندي يو ايس ايڊ پاڪستان جي ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر ڊيوڊ ينگ چيو ته يو ايس ايڊ جي سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائز ايڪٽيٽي (SMEA) پاڪستان ۾ ننڍي ۽ وچولي ادارن جي ترقي لاءِ هڪ گڏيل ڪوشش آهي. گذريل پنجن سالن ۾، SMEA ”نوويشن اينڊ اسڪيل اپ گرانٽس“ مهيا ڪيو آهي، ڪاروباري ترقي جي سرگرمين تي عمل ڪيو آهي، ۽ پاڪستاني ننڍن ۽ وچولي ادارن لاءِ مارڪيٽ تائين پهچ ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ کي وڌايو آهي. پروگرام شاندار نتيجا ڪڍيا آهن، 37,000 نئين نوڪريون پيدا ڪيون آهن.SMEA جي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي عورتن جي اڳواڻي ۾ ڪاروبار لاءِ گرانٽ جي فراهمي آهي، جيڪي هن پروگرام تحت ڪل فائدو وٺندڙن جو 30 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن.ان موقعي تي افتخار علي ساهو، ايڊيشنل سيڪريٽري، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، حڪومت پاڪستان، پاڪستان ۾ ننڍي ۽ وچولي ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۾ يو ايس ايڊ جي سهڪار کي ساراهيو. پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ايس ايم ايز اعليٰ آمدني واري شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. حڪومت پاڪستان جي SME پاليسي جامع، موافق ۽ صارف دوست آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو